ڄامشورو:(پ_ر) شهيد الله بخش سومرو (سيبس) يونيورسٽي آف آرٽ، ڊيزائن اينڊ هيريٽيجز ڄامشوري ۾ انٽر يونيورسٽي ٽيبل ٽينس ٽورنامينٽ ”زون ڪي“ جي شروعات ٿي وئي. ٽورنامينٽ سيبس يونيورسٽي پاران هائير ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد جي سهڪار سان منعقد ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ سنڌ جي 14 يونيورسٽين جا رانديگر حصو وٺي رهيا آهن. مقابلي ۾ حصو وٺندڙ يونيورسٽين ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ڄامشورو، لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپورميرس، اسرا يونيورسٽي حيدرآباد، آءِ بي آي سکر، صوفي ازم يونيورسٽي ڀٽ شاهه، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام، گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي حيدرآباد، شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو، شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي آف وٽنري اينڊ اينيمل سائنسز سڪرنڊ، شيخ اياز يونيورسٽي شڪارپور، يونيورسٽي آف ماڊرن سائنسز ٽنڊو محمد خان، ۽ شهيد الله بخش سومرو يونيورسٽي آف آرٽ اينڊ ڊزائن ڄامشورو جا رانديگر شامل آهن. گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طيبى ظريف ٽورنامينٽ جو افتتاح ڪيو. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي پروفيسر ڊاڪٽر طيبى ظريف چيو ته رانديون تعليمي سرگرمين جو لازمي حصو آهن ڇو ته راندين جي سرگرميءَ کانسواءِ شاگردن جي زندگي اڻپوري آهي. هن چيو ته سٺو ۽ مثالي شاگرد صحت ۾ سٺو، ادبي ذوق ۾ نفيس ۽ پڙهائي ۾ تمام سٺو هجڻ گهرجي. ڊاڪٽر طيبى ظريف وڌيڪ چيو ته کٽڻ يا هارائڻ هر راند جو حصو آهي پر انهيءَ عمل دوران گڏ رهڻ، هڪٻئي سان وقت گذارڻ انتهائي اهم آهي جنهن مان زندگيءَ جو سبق حاصل ٿئي ٿو. سيبس يونيورسٽي ڄامشوري جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو خطاب ڪندي چيو ته اهڙيون تقريبون منعقد ڪرائڻ جو اصل مقصد شاگردن ۾ برداشت، صبر، تحمل ۽ ٽيم جي ميمبر طور ڪم ڪرڻ ۽ نظم و ضبط کي وڌائڻ آهي ته جيئن شاگردن جي بهترين ذهني ۽ جسماني صحت کي يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته هائير ايجوڪيشن ڪميشن غير نصابي سرگرمين جي حوالي تمام واکاڻ جوڳا قدم کڻي رهي آهي جنهن کي اسان ساراهيون ٿا ۽ اها سيبس يونيورسٽي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي جو ٻيو ڀيرو هن قسم جو مقابلو يونيورسٽي جي ميزباني هيٺ ٿي رهيو آهي. انچارج اسپورٽس حنا ماروي خلجي ٻاهران آيل مهمانن، اسپورٽس ڊائريڪٽرز، مئنيجرز، انچارجز ۽ رنديگرن کي ڀليڪار ڪيو. مختلف يونيورسٽين جي مينيجرز، ڪوچز ۽ نمائندن کي سنڌي اجرڪ ۽ روايتي تحفا ڏنا ويا. ٽورنامينٽ ٽي ڏينهن جاري رهندي.