ڄامشورو: سيبس يونيورسٽي ۾ ذهني صحت ۽ ڪم جي جڳهه تي ذهني تندرستي“ جي عنوان سان ليڪچر پروگرام ٿي گذريو

ڄامشورو ( پ_ر)   شهيد الله بخش سومرو (سيبس) يونيورسٽي آف آرٽ، ڊزائن اينڊ هيريٽيجز ڄامشوري ۾ ذهني صحت جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان ”ذهني صحت ۽ ڪم جي جڳهه تي ذهني تندرستي“ جي عنوان سان هڪ ليڪچر ٿي گذريو، جنهن ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي سائيڪالاجي (نفسيات) شعبي جي اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر شيراز الياس شيخ ليڪچر ڏنو. تقريب شاگردن، فيڪلٽي ۽ عملي جي ميمبرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.ڊاڪٽر شيراز الياس شيخ، ملازمن ۽ عملدارن ٻنهي جي ذهني بهتريءَ جي اهميت تي زور ڏنو۽ ڪم واري جاءِ تي ذهني صحت توڙي ماحول جي اثر کي اجاگر ڪيو. هن، ذهني دٻاءُ، ڪم جو وڌاءُ، ملازمن جي ڪم ۾ شراڪت، ملازمن جي ترقي ۽ واڌ ويجهه، صحت ۽ حفاظت، سماجي واسطن، اداري جي ڪلچر ۽ ملازم جي همت افزائيءَ وارن پهلوئن تي ڳالهايو. ڊاڪٽر شيراز الياس، ذهني مونجهارن کان بچڻ لاءِ هيٺيون صلاحون ڏنيون: ورزش، ننڊ، صحتمند غذا، سماجي رابطا، ذهن سازي، منشيات کان پاسو، رشتا، ٻين سان جڙڻ، دٻاءُ گهٽائڻ، صحتمند معمولات، نيون صلاحيتون سکڻ، مدد طلب ڪرڻ، سگريٽ ڇڪڻ بند ڪريو، ڪم ۽ زندگيءَ ۾ توازن قائم ڪرڻ، وڏا ساهه کڻڻ، پنھنجي جسم کي ھلايو، شوق ۾ مشغول رھو، مقصد ۽ منصوبا رکو ۽ ٻين جي مدد ڪريو وغيره.ڊاڪٽر شيخ چيو ته ڪم جي جاءِ تي ذهني صحت کي فروغ ڏيڻ پيداواري صلاحيت، ملازمت جي اطمينان ۽ ملازمن جي مجموعي حوصلي کي وڌائڻ لاءِ ضروري آهي. سندس چوڻ هو ته هڪ مددگار ماحول ٺاهڻ سان ادارا ملازمن کي ذاتي طور تي ۽ پيشه ورانه طور تي مدد فراهم ڪري سگهن ٿا. ليڪچر کانپوءِ سوالن جا جواب ڏنا ويا.