سنڌ يونيورسٽي ريلوي اسٽيشن ڀرسان موٽر سائيڪل تي سوار هٿياربندن ڪائونسلر الهورايو ڀلائي جي نوجوان پٽ 28 ورهين جي محسن رضا ڀلائي کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا، مقتول نوجوان محسن رضا ڀلائي جو لاش لمس اسپتال منتقل ڪيو ويو، جيڪو ضروري ڪارروائي کانپوءِ پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڄامشورو ۾ هن وقت سوڳ واري صورتحال آهي. مقتول نوجوان محسن رضا ڀلائي سياسي، سماجي ۽ ادبي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ سان گڏ علائقي جا مسئلا حل ڪرائڻ توڙي سنڌ جي اهم اشوز تي احتجاج رڪارڊ ڪرائيندو هو نوجوان محسن ڀلائي زندگيءَ جو ڳچ عرصو سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ۾ گذاريو، هو سيد جلال محمود شاهه ۽ سيد زين شاهه جو انتهائي ويجهو هو ۽ سندن چوڻ تي پارٽي جا بيان ڪمپوز ڪري جاري ڪندو هو، تازو سندس پيءُ الهورايو ڀلائي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي ٽڪيٽ تان مڪاني چونڊن ۾ ٽائون ڪميٽي ڄامشورو جي وارڊ نمبر 5 تان ڪاميابي ماڻي هئي ۽ پوءِ تڏهوڪي ايم پي اي ملڪ اسد سڪندر سان ملاقات ڪري پيپلز پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي، ايس يو پي مان پ پ ۾ شموليت تي ٻنهي پيءُ پٽ کي سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو سوشل ميڊيا تي تنقيد سبب هن جي ڪيترن ئي ماڻهن سان منهن ماري پڻ ٿي هئي، نوجوان محسن رضا ڀلائي جي ڪجهه مهينا اڳ شادي ٿي هئي، هو مهراڻ يونيورسٽي ۾ ملازمت ڪندو هو، ڄامشورو پوليس موجب واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون، مقتول جا وارث ايندا ته ڪيس داخل ڪيو ويندو.