ڄامشورو ۾ چوري دوران مزاحمت تي زخمي ٿيل گهرڌڻي فوت

ڄامشورو ۾ چورن پاران مزاحمت تي زخمي ڪيل گهرڌڻي دم ڏئي ڇڏيو آهي مدينا نگر واري علائقي ۾ محمد خان سولنگي جي گهر ۾ گذريل رات ٽن نامعلوم چورن داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته گهرڀاتي سڄاڳ ٿي پيا، مزاحمت تي چورن هٿيارن جا منهن کولي ڏنا، جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان ماجد علي سولنگي گولي لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي جي نجي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي زخمن جا سور نه سهندي نوجوان فوت ٿي ويو آهي.