اسلام آباد: پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ چونڊن بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي هلائيندڙ سپريم ڪورٽ جي 9 رڪني لارجر بينچ ٽٽي پئي، 4 ججز ٻڌڻي جو حصو بنجڻ کان معذرت ڪري ڇڏي. 4 چچن جي ڌار ٿيڻ کان پوءِ 5 رڪني بينچ ٻڌڻي جاري رکي.چونڊن بابت پاڻمرادو ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ سپريم ڪورٽ جي 9 رڪني بينچ مان 4 جج ڌار ٿي ويا. فيصلي ۾ جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس يحيٰ آفريدي،جسٽس اطهر من الله ۽ جمال خان مندوخيل جو اختلافي نوٽ شامل آهي. ٻڌڻي هلائيندڙ 5 رڪني بينچ ۾ چيف جسٽس عمر عطا بنديال، جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس منيب اختر. جسٽس جمال خان مندوخيل ۽ جسٽس محمد علي مظهر شامل آهن.جسٽس يحيٰ آفريدي اختلافي نوٽ ۾ چيو آهي ته عام چونڊن جو معاملو پشاور ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي. چيف جسٽس جي سربراهي ۾ جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس جمال خان مندوخيل، جسٽس منيب اختر ۽ جسٽس محمد علي مظهر ٻڌل باقي 5 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي شروع ڪئي ته چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال ٻڌايو ته 4 معزز ميمبرز جسٽس اعجازالاحسن، جسٽس مظاهر علي نقوي، جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس يحيٰ آفريدي پاڻ کي بينچ کان ڌار ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻ عدالت جو رهيل بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪندو. اطهر من الله ۽ يحيٰ آفريدي ڪيس جي حوالي سان پنهنجو ذهن واضح ڪري ڇڏيو هو، هن پاڻ کي بئنچ کان ڌار ڪيو.چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته آئين جي تشريح لاءِ عدالت ٻڌڻي جاري رکندي. آئين ڇا ٿو چئي، ان جو دارومدار تشريح تي آهي. سڀاڻي ساڍي 9 وڳي ٻڌڻي شروع ڪري سڀاڻي ئي ڪيس کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. جاري ڪيل حڪمنامو ويب سائٽ تي نه اچي ان ڪري جاري نٿا ڪري سگهون. جسٽس جمال مندوخيل جو نوٽ حڪم نامي کان اڳ ئي سوشل ميڊيا تي اچي ويو هو. مستقبل م احتياط ڪنداسين ته اهڙو واقعو نه ٿئي. جسٽس جمال خان مندوخيل جي نوٽ جي حڪم ۾ شامل ٿيڻ کان اڳ پبلڪ ٿيڻ غير مناسب هو. عدالتي حڪم پهريان ويب سائيٽ تي ايندا آهن پوءِ پبلڪ ٿيندا آهن.چيف جسٽس چيو ته پي ٽي آءِ وڪيل علي ظفردليلن جي شروعات ڪري آگاهه ڪري، عدالت هي ڪيس ٻڌي يا نه ٻڌي پر آگاهه ڪيو وڃي ته عدالت هي ڪيس ٻڌي سگهي ٿي يا نه. سڀاڻي هر صورت ۾ ڪيس کي مڪمل ڪرڻو آهي. جسٽس جمال خان مندوخيل پڇيو ته ڇا چونڊن ۾ 90 ڏينهن جي دير ٿي سگهي ٿي.جنهن تي وڪيل علي ظفر جواب ڏنو ته چونڊن ۾ هڪ ڪلاڪ جي به دير نٿي ٿي سگهي. تاريخ جي نه اليڪشن ڪميشن ذميواري کڻي رهيو آهي نه گورنر. صدر عارف علوي به مذڪوره معاملي تي 2 خط لکيا. جسٽس منصور علي شاهه چيو ته صدر عارف علوي جو خط هاءِ ڪورٽ جي حڪم جي ابتڙ آهي. جسٽس محمد علي مظهر ريمارڪس ڏنا ته اليڪشن ڪميشن ته پنهنجي جواب ۾ پاڻ لکيو آهي ته گورنر سان مشاورت آئين ۾ نه آهي. جيڪڏهن مشاورت نٿي ٿي سگهي ته پوءِ ڪميشن پاڻ ئي چونڊن جي تاريخ ڏئي ڇڏي ها.