چونڊن ۾ عورتن کي ٽڪيٽ نه ڏيڻ تي اليڪشن ڪميشن 12 سياسي پارٽي جي اڳواڻن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

اليڪشن ڪميشن چونڊن ۾ عورتن کي 5 سيڪڙو ٽڪيٽ نه ڏيڻ جي ڪيس ۾ مختلف سياسي پارٽين جي اڳواڻن کي نوٽيس جاري ڪندي 4 سيپٽمبر تي طلب ڪري ورتو آهي. اليڪشن ڪميشن جماعت اسلامي ۽ عوامي نيشنل پارٽي سميت 12 سياسي پارٽين کي نوٽيس جاري ڪيا آهن، ٽي ايل پي جي سعد رضوي ۽ خرم نوازگنڊاپور کي به نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. جاري ڪيل نوٽيس اليڪشن ايڪٽ جي سيڪشن 206 تي عمل ڪرڻ واري ڪيس جي حوالي سان جاري ڪيا ويا آهن، اليڪشن ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي 4 سيپٽمبر تي ڪندو.