اسلام آباد: سپريم ڪورٽ پنجاب ۾ چونڊن لاءِ فنڊز جي فراهمي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. عدالت سياسي اڳواڻن کي اڄ ئي ڳالهين جو عمل شروع ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي ۽ شام 5 وڳي تائين اڳڀرائي کان آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته گذارش هوندي ته پارٽي سربراهه عيد کان پوءِ نه اڄ ئي ويهن. جولاءِ ۾ وڏي عيد ٿيندي. ان کان پوءِ چونڊون ٿي سگهن ٿيون. عيد کان پوءِ چونڊن جي تجويز سراج الحق ڏني آهي.چيف جسٽس واضح ڪيو ته عدالت پنهنجو 14 مئي جو فيصلو واپس نه وٺندي. ڪنهن به فيصلي کي چئلينج ناهي ڪيو. عدالتي فيصلي کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. فيصلو واپس وٺڻ مذاق نه آهي. عدالتي فيصلو هٽائڻ جو طريقيڪار آهي ان لاءِ 30 ڏينهن به گذري ويا. اڄ ظهر کان پوءِ اڳڀرائي کان آگاهه ڪريو.چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته دفاع واري وزارت جي به ساڳئي استدعا آهي ته چونڊون هڪ ڏينهن ٿين. درخواستگذار به اهو چئي رهيا آهن ته هڪ ئي ڏينهن چونڊون ٿين. اٽارني جنرل اهو نڪتو اٿاريو پر سياست جي نذر ٿي ويو. فاروق نائيڪ به اهيو چاهيو ٿي پر بائيڪات ٿي ويو. پيپلز پارٽي جا اڳواڻ به ڳالهين جي تعريف ڪن ٿا. (ن) ليگ به ڳالهين جي تجويز جي تعريف ڪئي آهي.ٻڌڻي دوران وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته سڄي ملڪ ۾ نگران حڪومتن ذريعي چونڊون ٿيڻ گهرجن. سياسي معاملا پارٽي وچ ۾ طئي ٿيڻ گهرجن. سياسي معاملي ۾ ڪنهن اداري جي مداخلت نه ٿيڻ گهرجي.وفاقي وزير خواجه سعد رفيق روسٽرم تي اچي چيو ته پنهنجي قيادت جي مشوري کان پوءِ حاضر ٿيو آهيان. ماحول مشڪل آهي پر 22 ڪروڙ عوام جو مسئلو آهي. چونڊون سڄي ملڪ ۾ هڪ ئي ڏينهن ٿيڻ گهرجن، ڳالهين لاءِ تيار آهيون.پ پ طرفان قمرالزمان ڪائره عدالت ۾ پيش ٿيو، جتي هن چيو ته خواجه سعد رفيق جي ڳالهين سان مڪمل اتفاق ڪريان ٿي. جڏهن ته ملڪ ۾ رنجشون وڌيون ته ويهي سياسي ڌرين کي حل ڪڍڻو پوندو. عدالت ۽ قوم کي يقين ڏياريون ٿا ته ملڪ لاءِ بهتر فيصلا ڪنداسين.شاهه محمود قريشي چيو ته آئيني ۽ جمهوري رستو چونڊون ئي آهن .(ن) ليگي قيادت چيو ته چونڊون چاهيو ٿا ته اسيمبليون ٽوڙيون وڃن. پنهنجي حڪومت کي ڇڏڻ آسان نه هو، حڪومت ختم ٿيڻ کان پوءِ جيڪو ٿيو اهو سڀني جي سامهون آهي. (ن) ليگ اسيمبليون ٽوڙڻ کان پوءِ فيصلي تان ڦري وئي.جماعت اسلامي جي سربراهه سراج الحق چيف جسٽس کان پڇاڻو ڪندي چيو ته وڏي عيد کان پوءِ مناسب تاريخ تي چونڊون ٿيڻ مناسب هوندو. عدالت اهو معاملو سياستدانن تي ڇڏي پاڻ کي سرخرو ڪري. عدالت پنجاب ۾ چونڊن جو شيڊول ڏئي چڪي آهي.جسٽس اعجازالاحسن ۽ جسٽس منيب اختر بينچ ۾ شامل آهن. بابر اعواڻ، لطيف کوسه ۽ (ن) ليگي اڳواڻ عطا تارڙ سپريم ڪورٽ پهتا. وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ، اياز صادق ۽ طارق بشير چيمه سپريم ڪورٽ پهتا.جنهن کان پوءِ ٻڌڻي ۾ 4 وڳي تائين وقفو ڪيو ويو. ان کان اڳ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان دفاع واري وزارت ۽ اليڪشن ڪميشن کي چونڊون هڪ ئي ڏينهن ڪرائڻ جي درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي حڪومت کي 28 اپريل تائين فنڊز جي فراهمي يقيني بنائڻ جو حڪم ڏنو هو.