چونڊون 2024: ريٽرننگ آفيسرن جي تربيت جو عمل ٻيهر شروع، ملازمن جي موڪلن تي پابندي لاڳو

ايندڙ عام چونڊن جي لاءِ بلوچستان ۾ ريٽرننگ آفيسرن(آر اوز) ۽ ڊسٽرڪٽ ريٽرننگ آفيسرن(ڊي آر اوز) جي ٽربيت جي شروعات ٿي وئي آهي اليڪشن ڪمشنر جي ترجمان موجب اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي نگراني هيٺ اهو تربيتي سيشن ڪوئٽه، لورالائي، سبي ۽ خضدار ۾ منعقد ڪيا ويا. ڪوئٽه ۾ آر اوز جي تربيت جو عمل مقامي هوٽل ۾ شروع ٿيو تربيتي سيشنز ۾ قومي، صوبائي تڪن جا آر اوز حصو وٺي رهيا آهن. ريٽرننگ آفيسرن جي تربيت جو عمل سڀاڻي به جاري رهندو. آر اوز کان پوءِ اڱاري تي ڊي آر اوز جي هڪ جي ٽريننگ ٿيندي جيڪا 19 ڊسمبر تائين جاري رهندي ترجمان چيو آهي ته ووٽرن جي داخلا تبديلي ۽ درستگي تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. اليڪشن ڪميشن جي آفيسرن، ملازمن ۽ ريٽرننگ آفيسرن جي موڪلن تي به پابندي لڳائي وئي آهي. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب حڪومتي ۽ سرڪاري ادارن ۾ هر قسم جي ٽرانسفر ۽ پوسٽنگ تي مڪمل پابندي لڳائي وئي آهي ڪنهن به ايمرجنسي ٽرانسفر يا پوسٽنگ جي لاءِ معاملو اليڪشن ڪميشن ڏانهن اماڻيو ويندو. جڏهن ته پوسٽنگ ۽ ٽرانسفر جا سبب به ٻڌائڻا پوندا ٻئي طرف ڊي سي اسلام آباد به ڊسٽرڪٽ ريٽرننگ آفيسر جي طور تي قدم کڻڻ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. ڊي سي اسلام آباد تعليمي ادارن ۾ اسٽاف جي موڪلن تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. عام چونڊن تائين ڪنهن به سرڪاري ملازم کي موڪل جي اجازت نه هوندي ياد رهي ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان چونڊ شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي. شيڊول موجب اميدوارن جي نالن جي فهرست 23 ڊسمبر تي جاري ڪئي ويندي.