8 فيبروري 2024 تي ٿيندڙ عام چونڊن لاءِ چونڊ مهم جو اڄ آخري ڏينهن آهي، رات 12 وڳي تائين سمورين سياسي پارٽين جا اميدوار ووٽرز کي پنهنجو ڪرڻ جون ڀرپور ڪوششون ڪندا اليڪشن ڪميشن جي ترجمان موجب چونڊ مهم جو وقت ختم ٿيڻ کان پوءِ ڀڃڪڙي جي صورت ۾ قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي، ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ اصل سڃاڻپ ڪارڊ آڻڻ لازمي آهي. مدي خارج ڪارڊ تي به ووٽ ڏئي سگهجي ٿو ترجمان چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي ملازمن گهٽ وقت ۾ پنهنجي محنت ۽ منظم منصوبه بندي ذريعي اهم ذميواري مڪمل ڪئي، بيلٽ پيپرز جي ورهاست جو عمل زميني ۽ هوائي ٻنهي طريقن سان مڪمل ڪيو ويو آهي. چيلنجز جي باوجود ڪميشن وقت تي اهو ڪم مڪمل ڪيو ته جيئن ملڪ جا سمورا ووٽرز چونڊن ۾ بهترين ۽ منظم طور تي شرڪت ڪري سگهن اليڪشن ڪميشن سڄي ملڪ ۾ چونڊن لاءِ 7 لک بيلٽ باڪس جو انتظام ڪري ورتو. جڏهن ته ووٽنگ لاءِ 2 لک 76 هزار کان وڌيڪ پولنگ بوٿ قائم ڪيا ويندا. هر پولنگ بوٿ تي 2 بيلٽ باڪس رکيا ويندا. هڪ بيلٽ باڪس ۾ قومي اسيمبلي ۽ ٻئي ۾ صوبائي اسيمبلي لاءِ ووٽ ڪاسٽ ٿيندا.