چوٽياريون واقعي ۾ الزام هيٺ آيل پ پ ايم اين اي علاءُالدين جوڻيجو پنهنجي ئي پارٽي جي ايم اين اي شازيه عطا مري، سينيٽر قرت العين مري ۽ نويد ڏيرو ڏانهن اشارو ڪندي چيو آهي ته چوٽياريون واقعي ۾ پ پ جا دوست ئي ملوث آهن سندن نالا بار بار کڻڻ مناسب نٿو سمجهان. ڳوٺ سنجر جوڻيجو ۾ صحافين جي وفد سان ڳالهيون ڪندي پ پ ايم اين اي علاءُالدين جوڻيجو چيو ته احتجاج ڪندڙن کي دلاسو ۽ همدردي ڏيکارڻ لاءِ آيل وڏن ماڻهن کين ائين به نه چيو ته اوهان لاشن جي تدفين ڪريو انهن جي بي حرمتي پئي ٿئي. هن انڪشاف ڪندي چيو ته وارثن مون سان رابطو ڪري چيو ته احتجاج ۾ اچو ته اسان احتجاج ختم ڪريون ٿا پر مون کين چيو ته ڀرپاسي جي ماڻهن جي نيت صاف ناهي، مان نٿو اچي سگهان. پ پ ايم اين اي علاءُالدين جوڻيجو چيو ته مخدوم جميل الزمان جو مون کي ڏک پهتو آهي هو اسان جو وڏو آهي، جڏهن هو احتجاج ۾ شامل ٿيو ته حق ڪري ها ته بهتر هو مون کي اتي ئي سڏي ها ته آئون به اتي پهچي وڃان ها، اسان جون ڳالهيون ٻڌي ها پر هن ائين نه ڪيو. هن چيو ته جيڪڏهن مخدوم صاحب پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ڳالهائي سگهي ٿو ته آئون به پنهنجي قيادت سان ڳالهائي سگهان ٿو. هن چيو ته پارٽي جي دوستن جن کي مون ووٽ ڏياريا هئا انهن ئي سازش ڪئي۔ جڏهن چونڊون ٿين ٿيون ته اسين سڀ نڪ جي پڪائي ڪندي هڪ ٻئي سان گاڏين ۾ گڏ ويهي چونڊ مهم هلايون ٿا چونڊن کان پوء سڀ ڪجهه ختم ٿيو وڃي۔ جنرل اليڪشن ۾ منهنجي ڀائرن ۽ مون پاڻ پارس ڏيرو سان گڏ چونڊ مهم هلائي ڪامياب ڪرايو پر هاڻي گڏ هلي نٿا سگهون7۔ هن چيو ته متاثر ڌر کي سانگهڙ پوليس جي جاچ تي اعتماد ناهي ته ڀلي سنڌ جي ڪنهن به آفيسر کان جاچ ڪرائين. ميڊيا مون کي واقعي ۾ سڌو سنئون ملوث ڪري ڇڏيو آھي پر آئون ملوث ناهيان اها منهنجي خلاف سوچيل سمجهيل سازش آھي۔ جيڪا پارٽي جي دوستن ڪئي آهي. هن چيو ته ڳوٺاڻن سان جيڪو ڪجھ ٿيو اهو غلط ٿيو آهي ان تي ڏک پهتو آھي۔ متاثر ڌر منهنجي برادري آهي تسليم ڪن يا نه ڪن پر آئون ئي انهن جو وڏو آهيان ۽ انهن کي ڪم به آئون ئي ايندس هو مون کي ڪم ايندا۔ آئون انهن ڏانهن ضرور ويندس پر پهريان ڪورٽ جو فيصلو اچي پوء آئون پنهنجي برادري جو ڪٺ گهرائيندس۔ مون پارٽي قيادت ۽ ايس ايس پي سانگهڙ کي ڪيس بابت ثبوت ڏئي ڇڏيا آهن اميد ته انصاف ٿيندو.