لاهور هاءِ ڪورٽ طرفان آزاد ڪرڻ جو حڪم باوجود وري ٻيهر پي ٽي آءِ اڳواڻ پرويز الاهي کي گرفتار ڪيو ويو اسلام آباد پوليس چوڌري پرويز الاهي کي ڪئنال روڊ تان گرفتار ڪري ورتو. اسلام آباد پوليس کيس گرفتار ڪري وفاقي گادي واري هنڌ روانو ڪيو ان کان اڳ چوڌري پرويز الاهي کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو هو. عدالت لکت واري حڪم ۾ چيو هو ته پرويز الاهي کي نيب يا ڪا اٿارٽي ۽ ادارو گرفتار نه ڪندو جڏهن ته پرويز الاهي کي ڪنهن به قانون تحت نظربند نه ڪيو ويندو اسلام آباد پوليس ذريعن موجب پرويز الاهي کي 3 ايم پي او تحت گرفتار ڪيو ويو، پوليس کيس اسلام آباد منتقل ڪري رهي آهي