چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرن جي خلاف سپريم جوڊيشل ڪونسل ۾ شڪايت داخل

 چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا ۽ ميمبرن جي خلاف سپريم جوڊيشل ڪونسل ۾ شڪايت داخل ڪئي وئي. شڪايت حليم عادل شيخ، جسٽس(ر) نورالحق قريشي ۽ شبير احمد گڏيل طور تي داخل ڪئي آهي، شڪايت جي متن موجب چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبر آئيني ذميواري ادا ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا، انهن تحريڪ انصاف جي مينڊيٽ ۽ عدالتي فيصلن کي هيٺاهون ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي حليم عادل شيخ، جسٽس(ر) نورالحق قريشي ۽ شبير احمد چيو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبر مس ڪنڊڪٽ جا مرتڪب ٿيا آهن، اليڪشن ڪميشن سياسي طور تي مقرر بيورو ڪريسي کي آر او ۽ ڊي آر او مقرر ڪيا. شڪايت ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته راولپنڊي جي اڳوڻي ڪمشنر انڪشاف ڪيو ته راولپنڊي جي هر تڪ ۾(ن) ليگ کي 70 هزار ووٽ وجهرائي کٽرايو ويو. لياقت چٺه اهو به انڪشاف ڪيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ چيف جسٽس انهي عمل ۾ ملوث آهن، اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ کي اڳ چونڊ نشان پوءِ ان جي نامزد ميمبرن کي پارٽي نالي کان محروم ڪيو، چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرن جي قدمن سبب 12 ڪروڙ کان وڌيڪ ووٽرز متاثر ٿيا. شڪايت ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرن تي لڳايل الزامن جي انڪوائري ڪئي وڃي ۽ انڪوائري ۾ الزام ثابت ٿيڻ تي چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرن جي برطرفي جي سفارش ڪئي وڃي.