چيف جسٽس آف پاڪستان جو ٽيڪس ڪيسن جي جلد فيصلن لاءِ اهم قدم

تفصيل موجب چيف جسٽس آف پاڪستان يحيٰ آفريدي ٽيڪس ڪيسن جي جلد فيصلن لاءِ اهم قدم کڻندي رجسٽرار سپريم ڪورٽ، ايف بي آر جي نمائندن ۽ ٽيڪس ماهرن تي ٻڌل 4 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. چيف جسٽس سپريم ڪورٽ ۾ 97 ارب رپين جي التوا واري ٽيڪس ڪيسن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي عدالتي ڪارڪردگي تي ٽيڪس ڪيسن ۾ دير ۽ قومي خزاني تي اثرانداز ٿيڻ تي خدشن جو اظهار ڪيو. چيف جسٽس ٽيڪس ڪيسن تي تيزيءَ سان ڪارروائي تي زور ڏيندي ڪيسن جي جلد فيصلن لاءِ بار ايسوسيئشنز کان مدد گهري ورتي. وڌيڪ پڙهو: چيف جسٽس پاران التوا ۾ پيل ڪيسن تي ڳڻتي جو اظهار گذريل ڏينهن چيف جسٽس آف پاڪستان يحيٰ آفريدي دهشتگردي جي انت واري عدالتن ۾ التوا ۾ پيل ڪيسن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو هو. سپريم ڪورٽ ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالتن جي انتظامي ججن جي حوالي سان اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالتن جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو ۽ شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته دهشتگردي ٽوڙ عدالتن ۾ 2 هزار 273 ڪيس هلندڙ آهن. پر چيف جسٽس خدشو ظاهر ڪيو.