چيف جسٽس جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ شرمناڪ ۽ مذمت جوڳي آهي: پي ٽي آءِ

 پاڪستان تحريڪ انصاف چيو آهي ته چيف جسٽس جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ شرمناڪ ۽ مذمت جوڳي آهي. ججز جي مقرري ۽ آئيني ترميم تي رد عمل جو اظهار ڪندي پي ٽي آءِ ترجمان چيو ته ملڪ ۾ ادارن جي جيڪا تباهي ٿي رهي آهي، ججز مقرري آئيني  ترميم انهي روايت جو حصو آهي. حڪومت گذريل 2 سالن دوران هر اهو فيصلو ڪيو آهي جنهن سان آئين ۽ قانون جي بالادستي کي نقصان پهچائڻ  آهي جنهن سان ادارا ڪمزور ٿيندا آهن مرڪزي ڊپارٽمينٽ پي ٽي آءِ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ وڌيڪ چيو ته موجوده حڪمران ادارن کي انهي جي لاءِ ڪمزور ڪن ٿا ته جيئن پنهنجي غيرقانوني ۽ غير آئيني ايجنڊا کي اڳيان وڌائي سگهن.  چيف جسٽس آف پاڪستان پنهنجي ملازمت جي مدي دوران بطور چيف جسٽس جيڪو عمل اختيار ڪيو آهي اهو آئين ۽ قانون جي حوالي سان نهايت افسوسناڪ ۽ مذمت جوڳو آهي. پي ٽي آءِ ترجمان وڌيڪ چيو ته چيف جسٽس جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ  شرمناڪ  ۽ مذمت جوڳي آهي. پاڪستان جو دستور اهڙي ڪنهن به مخصوص شخص جي لاءِ آئين ۾ ترميم جي اجازت نٿو ڏئي. قانونسازي هميشه اهڙن موضوعن تي ڪئي ويندي آهي، جتي اجتماعي مفاد هجي پي ٽي آءِ انهي ترميم جي هر قانوني ۽ جمهوري طريقي سان مخالفت ڪندي ۽ ان جو رستو پارليامينٽ ۾ به روڪيو ويندو.