چيف جسٽس يحييٰ آفريدي جي ڊگهي مقدمي بابت اهم ريمارڪس ڏنا

تفصيل موجب سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي سربراهيءَ ۾ ڊورڪاڻي بئنچ زميني تڪرار بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذار جي وڪيل چيو ته عدالت لکت واري حڪم ۾ لاڳاپيل فورم کي ريفرنس داخل ڪرڻ جي هدايت ڪري. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس يحيٰ آفريدي ڊگهي درخواستن بابت پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته رجسٽرار آفيس جي اعتراضن خلاف اپيل تي ٻڌڻي ٿي. چيف جسٽس چيو ته ڪڏهن سزا لکڻ کان پوءِ به ڪيس 18 سالن تائين هلندا آهن، هو آرڊر ۾ اهڙي آبزرويشن نه ڏيندا، جنهن سان ڪيس ٻيهر هيٺ لهي وڃي. جسٽس شاهد بلال حسن چيو ته توهان اسان کي لکڻ کانسواءِ به لاڳاپيل فورم ڏانهن رجوع ڪري سگهو ٿا. بعد ۾ عدالت معاملو لاڳاپيل فورم ڏانهن موڪلڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.