وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته اسان ترقي ۽ سيڪيورٽي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ چيني تصور سان پوري طرح متفق آهيون، چيني شهرين ۽ منصوبن جي حفاظت کي يقيني بنائڻ اولين ترجيح آهي. چيني سفارتخاني پهچڻ تي سفير جيانگ زي ڊونگ سان ملاقات جي دوران گهرو وزير چيو ته سي پيڪ منصوبن کي سيڪيورٽي جي لاءِ سمورن ممڪن قدمن کي يقيني بنايو پيو وڃي. حفاظتي قدمن کي وڌيڪ بهتر ۽ مضبوط بنايو پيو وڃي ته جيئن چيني شهرين جي لاءِ محفوظ ۽ پرامن ماحول کي يقيني بنائي سگهجي. محسن نقوي چيو ته ڪراچي واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ بيهاريو ويندو. پاڪستان ۽ چيني پائيدار ترقي جا گڏيل ڀائيوار آهن. ملاقات ۾ گهرو وزير ڪراچي ۾ گارڊ جي فائرنگ سبب ٻن چيني شهرين جي زخمي ٿيڻ جي واقعي تي ڏک جو اظهار ڪندي زخمي چيني شهرين ۽ انهن جي گهر ڀاتين سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو. محسن نقوي واقعي جا تفصيل ۽ جاچ ۾ اڳڀرائي کان چيني سفير کي آگاهه ڪيو. گهرو وزير چين جي سفير، حڪومت ۽ زخمي چيني شهرين جي خاندان سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪندي جلد صحتيابي جي لاءِ دعا ڪئي. وفاقي گهرو وزير ۽ چيني سفير وچ ۾ ملاقات جي دوران مستقبل ۾ اهڙن واقعن کي روڪڻ جي لاءِ گڏيل حڪمت عملي بنائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو. انهي موقعي تي چيني سفير چيو ته گڏيل ڪوششن سان پاڪ چين دوستي لاڳيتو وڌي رهي آهي، عملي تعاون ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي. ان حوالي سان هڪ محفوظ ۽ مستحڪم تعاون جو ماحول انتهائي اهم آهي. هن چيو ته چين ٻطرفي سيڪيورٽي تعاون کي وڌيڪ اڳيان وڌائڻ ۽ پاڪستاني ادارن جي صلاحيتن ۾ اضافي جي لاءِ تيار آهي. چيني سفير چيني وزيراعظم جي پاڪستان جي دوري دوران بهترين انتظامن تي گهرو وزير محسن نقوي جو ٿورو ادا ڪيو. جڏهن ته صدر آصف علي زرداري جي صحت بابت به پڇا ڪئي ۽ جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. چيني سفير چيو ته چيني صدر شي جن پنگ صدر پاڪستان کي خط لکيو آهي ۽ ان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. وفاقي گهرو سيڪريٽري ۽ چيني سفارتخاني جون اعليٰ اختياريون به انهي موقعي تي موجود هيون.