چيني ڀائرن ۽ ڀينرن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون: صدر آصف علي زرداري

صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته چيني ڀائرن ۽ ڀينرن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. صدر آصف علي زرداري چين جي علائقي شي زانگ ۾ آيل زلزلي ۾ قيمتي حياتين جي نقصان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. آصف علي زرداري چيو ته ڏک جي هن گهڙي ۾ منهنجون همدرديون، چيني حڪومت، عوام ۽ زلزلي متاثرين سان گڏ آهن. جڏهن ته ڏک جي هن گهِڙي ۾ پنهنجن چيني ڀائرن ۽ ڀينرن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. ياد رهي ته چين جي علائقي تبت ۾ آيل زلزلي ۾ ڪيترائي ماڻهو فوت ۽ سوين زخمي ٿي پيا آهن. تبت کان علاوه  ڀارت، نيپال، ڀوٽان ۽ بنگلاديش ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.