بيجنگ: چين ۾ ڪورونا وگهي فوتگين جو سلسلو رڪجي نه سگهيو. موذي وائرس سبب هڪ هفتي دوران 7 ڄڻا فوت ٿي ويا.چيني طبي اختيارين موجب چين ۾ 17 کان 23 فيبروري دوران اسپتال ۾ ڪورونا وگهي 7 فوتگيون رپورٽ ٿيون آهن.اختيارين موجب چين ۾ ڊسمبر کان رپورٽ ٿيندڙ سمورا ڪورونا ڪيسز اومي ڪرون ويرينيٽ جا آهن جڏهن ته ڪورونا ڪيسز ۾ 60 سيڪڙو BR.5.2.48 ۽ 29 سيڪڙو BF.7.18 قسم جا رپورٽ ٿيا آهن.اختيارين طرفان وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته چين ۾ ڪورونا سبب ڪيترائي مريض اسپتالن ۾ داخل آهن جڏهن ته ڪيترن ئي مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.