ڊالر جي قدر ۾ واڌ ۽ رپئي جي بي قدري جاري

اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر وڌيڪ مهانگو ٿي ويو، جڏهن ته انٽر بئنڪ ۾ به هڪ ڀيرو ٻيهر نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي ڪاروباري هفتي جي ٽئين ڏينهن به ڊالر جو قدر وڌڻ جو سلسلو جاري رهيو، ان دوران اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر اوچتو 6 رپيا وڌي 312 رپين تي بند ٿيو جڏهن ته انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر جو قدر گهٽ وڌ ٿيندو رهيو پر پڄاڻي تي رپئي جي ڀيٽ ۾ ڊالر جو انٽر بئنڪ ريٽ مجموعي طور 63 پئسا وڌيو، جنهن سان ڊالر 299 رپيا 63 پئسا جي نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويو