لاهور: ڊاڪٽرن پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي سياسي سرگرمين ۾ شرڪت لاءِ گرين سگنل ڏئي ڇڏيو.ذريعن موجب ڊاڪٽرن طرفان سياسي سرگرميون شروع ڪرڻ جي اجازت ملڻ کانپوءِ عمران خان پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه ۾ چونڊ جلسن ۾ شرڪت ڪندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان سڀاڻي چونڊ مهم لاءِ پنهنجي سياسي حڪمت عملي جو اعلان ڪندو، جڏهن ته هن پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه ۾ چونڊ جلسن لاءِ شيڊيول جي تياري جون هدايتون جاري ڪيون آهن.