لاڙڪاڻو:(پ -ر) ڪرئيٽو آرٽس فورم آف پاڪستان پاران ,ناليج سينٽر ۽ انڊس اسڪول جي سھڪار سان سنڌ جي ناليواري شاعر, اسڪالر ۽ نثر نويس ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي ٻارن لاء شاعريء تي ٻڌل سورھين ڪتاب”رسڻ ريجهڻ راند اسان جي” جو مهورتي ناليج سينٽر لاڙڪاڻي ۾ ٿيو ان موقعي تي صدارتي تقرير ڪندي برک اديب، شاعر ۽ لطيف جي پارکو ڊاڪٽر بشير احمد شاد چيو ته”ٻاراڻو ادب لکڻ لاء ليکڪ کي اندر ۾ ھڪ ٻار ويھارڻو پوي ٿو. ڊاڪٽر جي اندر ۾ ٻه ھڪ ٻار ويٺل آھي جيڪو کيس اڃان تائين لکڻ تي مجبور ٿو ڪري. ٻار اسان جو مستقبل آھن، انھن لاء لکي ڊاڪٽر ذوالفقار سيال پنھنجو فرض نڀائي رھيو آھي. سنڌ جي باقي شاعرن کي به ٻارن لاء لکڻ گهرجي .” صاحب ڪتاب ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ڳالھائيندي چيو ته ,” مون ھن وقت تائين ٻارن لاء ٻه ھزار نظم لکيا آھن جن مان ھڪ ھزارنظم ڪتابن جي صورت ۾ شايع ٿيل آھن ۽ ٻاقي به ڪتابي صورت ۾ آڻيندو رھندس. منھنجي انھن سمورن نظمن جا عنوان مختلف آھن، تجنيس حرفي شاعريء کي اعليٰ درجي تي پھچائي ٿي. مون به ڪوشش ڪئي آھي ته ٻارن لاء لکيل نظمن ۾ تجنيس حرفي, رڌم ۽ موسيقيت شامل ڪري ,ٻارن لاء شاعريء ۾ وڌيڪ رس ۽ چس شامل ڪريان خاص مھمان ناليواري شاعر, خاص طور تي ٻاراڻي ادب جي برجستي شاعر غلام محمد غازي ڳالھائيندي چيو ته “سرڪاري ادارن جي ڀيٽ ۾ شاعر ۽ اديب پنھنجي ھڙان وڙان ڏئي، وڌيڪ ڪتاب ڇپرائين ٿا. ڊاڪٽر ذوالفقار کي جس ھجي جنھن ھيترا ڪتاب شايع ڪرايا آھن. ڊاڪٽر جي نظمن ۾ ٻارن سان محبت جو اظھار ۽ فن جو ڪمال ملي ٿو اعزازي مھمان ناليواري شاعر ۽ تعليمدان مختيار سمون ڳالھائيندي چيو ته ڊاڪٽر ھڪ ڪميٽيڊ شخص آھي، جيڪو ٻارن جي لاء نظم ۽ گيت لکي سندن شخصيت سازي ڪري رھيو آھي. ھن ڪتاب ۾ ٻارن کي سائنس جي طرف راغب ڪرڻ وارا نظم به شامل آھن. ان کانسواء ڊاڪٽر صاحب سنڌي ٻوليء جا نوان نوان لفظ به ڪتاب ۾ شامل ڪري, ٻوليء کي جيارڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. اعزازي مھمان عبدالحئي ڀٽو ڳالھائيندي چيو ته”اسين ٻارن لاء لکيل ادب مان مايوس ناھيون ڇاڪاڻ ته اڄ به ٻارن لاء ادب لکجي پيو ,جنھن جو وڏو مثال ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جو ھي سورھون ڪتاب آھي. ھن ڪتاب جو ھر لفظ ھڪ گل آھي ۽ ھر گل جي ھڪ پنھنجي خوشبوء آھي اعزازي مھمان آپا ياسمين بروھي ڳالھائيندي چيو ته ” اسان کي ھر وقت ڊاڪٽر جي نئين ڪتاب اچڻ جو اوسيئڙو رھندو آھي .ھن چيو ته ” اڄڪلھ جون مائرون ٻارن کي پنھنجي ٿڃ ڏيڻ بدران دٻي واري کير ۽ فيڊر تي پالين ٿيون، جڏھن ته ڊاڪٽر ذوالفقار سيال پنھنجي ڪتاب ۾ فيڊر ۽ دٻي واري کير کي ٻار لاء نقصانڪار ڄاڻائي ماء جي ٿڃ جي اھميت بيان ڪئي آھي.” امام راشدي ڳالھائيندي چيو ته ” ڊاڪٽر جي شاعري نئين دور سان ھم آھنگ ۽ ٻارن لاء سراپا ھدايت آھي.” شاعر سميع ساجد جوڻيجي چيو ته ” ڊاڪٽر ذوالفقار سيال اڄ ٻاراڻي ادب ۾ سورھون ڪتاب ڏئي ھماليا جبل جيڏو شاعر بڻجي ويو آھي.” استاد گل دايو چيو ته ” سنڌي، اردو، پنجابي، سرائڪي ۽ پشتو ٻولين ۾ ٻئي ڪنھن به اديب جا ٻارن لاء لکيل شاعريء جا ايترا ڪتاب ناھن ,جيترا ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جا شايع ٿيل آھن .ڊاڪٽر صاحب جي ھن ڪتاب جو نالو ڏاڍو خوبصورت آھي، جنھن مان پڻ ٻارن جو پاڻ ۾ ھر ھر رسڻ ۽ ريجهڻ واري عمل جي عڪاسي ٿئي ٿي”. پروگرام جي ڪاروائي نامياري شاعر منظور منگي ھلائي ۽ پروگرام جي شروعات ۾ ئي ڪتاب جو مھورت ڪيو ويو انھيء کان سواء سرمد مھر، محمدعلي پٺاڻ جي موڪليل ڪتاب بابت رايو پڙھيو، جڏھن ته انيس گل عباسي، ڪامريڊ ڪريم بلوچ، عبدالستار ڪوريجو ۽ ڄام جمالي به ڪتاب تي ڳالھايو، پروگرام ۾ جن اھم شخصيتن شرڪت ڪئي انھن ۾ زاھد حسين جوڻيجو، عيسيٰ ميمڻ، اعجاز سولنگي، اعجاز سيتائي، جھانگير عباسي، فقير محمد سنڌي، منير ڊومڪي، عبدالرزاق ڏيرو، قادر جاگيراڻي، ڪوڙل قربدار ۽ ٻيا شامل ھئا.