سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان (ايس اي سي پي) لائسنس يافته ڊجيٽل لون ايپس جي صارفين کي تحفظ ڏيڻ لاءِ قرض جي حد مقرر ڪري ڇڏي آهي تفصيل موجب سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان ڊجيٽل لون ايپس استعمال ڪندڙن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ وڌيڪ قدم کنيا آهن ۽ لائسنس يافته ايپس تان ورتل قرضن جي حد مقرر ڪري ڇڏي آهي ايس اي سي پي پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب صارف لاءِ ايپ مان قرض حاصل ڪرڻ جي وڌ کان وڌ حد مقرر ڪئي وئي آهي، جنهن موجب هڪ صارف هڪ وقت ۾ 25 هزار رپين تائين قرض حاصل ڪري سگهي ٿو، اعلان ۾ چيو ويو آهي ته هڪ صارف جو قرض جي سڀني ايپس مان قرض 75,000 روپين کان وڌيڪ نه ٿي سگھي ۽ پرسنل لون ايپس ذريعي قرض جي وڌ ۾ وڌ مدت 90 ڏينهن کان وڌيڪ نه ٿي سگھي.