ڊونلڊٽرمپ جي شخصيت کي هڪ غيرروائتي سياسي چئي سگهجي ٿو. هو عام روائتي سياستدان نہ آهي

ڊونلڊٽرمپ جي شخصيت کي هڪ غيرروائتي سياسي چئي سگهجي ٿو. هو عام روائتي سياستدان نہ آهي ان ڪري آمريڪي اسٽيبلشمينٽ اينٽي ڊونلڊٽرمپ آهي. پاڪستان هن وقت ايشيا جو اهم پلر آهي. پاڪستان جي خارجہ پاليسي پڙوسي ملڪن سان جنهن ۾ روس؛ چين؛ ايران؛ صعودي عرب ۽ انڊيا سان تعلقات بهتري طرف وڃي رهيا آهن. خاص ڪري اسرائيل ۽ فلسطين جي جنگ کان پوء. پهريان تہ آمريڪن فوج افغانستان ۾ موجود هئي ان ڪري پاڪستان جي اهميت هئي. هاڻي ڏسجي تہ ڊونلڊٽرمپ پاڪستان کي ڪيتري اهميت ڏئي رهيو آهي. لڳي ائين ٿو تہ ڊونلڊٽرمپ ڪشمير جي مسئلي تي ثالثيء جو ڪردار ادا ڪندو. ڪجهہ مهينن کان پي ٽي آئي ڪيمپ ۾ اها ڳالهہ هلي رهي هئي تہ ڊونلڊٽرمپ اگر آمريڪن صدر بڻجي ويو تہ عمران خان جي رهائي پڪي. ڊونلڊٽرمپ جي پهرين گورنمينٽ ۾ جڏهن ڪجهہ صحافين عمران خان کي ڊونلڊٽرمپ سان مشابهت ڏين پيا تہ ان وقت جي پي ٽي آئي سوشل ميڊيا گروپ انهن صحافين کي غلط القابن سان نوازن پيا. پر اڄ ڊونلڊٽرمپ جي کٽڻ سان خوشيون پيا ملهائن. ڇا اها منافقت جي زمري ۾ نہ ٿي اچي. پهرين ڳالهہ تہ ڊونلڊٽرمپ هڪ طاقتور ترين ملڪ جو صدر آهي. آمريڪا پنهنجي اندروني معاملات ۾ ڪمزوري طرف وڃي رهيو آهي. آمريڪا 50 سالن کان مسلسل جنگين ۾ مبتلا رهيو آهي. آمريڪا جي معيشت کي دنيا اندر ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي. آمريڪا مسلسل قرضن ۾ جڪڙجندو پيو وڃي. ٻيو اهو تہ پي ٽي آئي هيومن رائيٽ جي ڀڃڪڙيء جي لاء آمريڪا کي انوالمينٽ جي آڇ ڪري رهي آهي. تہ پاڪستان ۾ هيومن رائيٽ جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي. توهان ان ڳالهہ جو تدارڪ ڪيو. پر آمريڪا پاڻ هيومن رائيٽ جي کهلم کهلا فلسطين ۾ ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي ۽ ڪشمير ۾ مسلسل هيومن رائيٽ جون ڀڃڪڙيون ٿي رهيون آهن. پر اتي آمريڪا ساٿاري لڳو پيو آهي. آمريڪا هيومن رائيٽ جي مسئلي تي پاڻ قصور وار آهي. انهن مسئلن جي باوجود ڇا ڊونلڊٽرمپ کي عمران خان جي ڳڻتي هوندي. ڇا ڊونلڊٽرمپ پهرين گورنمينٽ ۾ شڪيل آفريدي جي آزاديءَ جي گهر نہ ڪئي. ڇا شڪيل آفريدي آزاد ٿيو. شڪيل آفريدي اڄ بہ قيد آهي. شڪيل آفريدي اهو شخص آهي جنهن اسامہ بن لادن جي مخبري ڪئي. پهرين جڏهن ڊونلڊٽرمپ جي حڪومت هئي تہ عمران خان پاڪستان جو وزيراعظم هيو. ان وقت عمران خان آمريڪا جي لاء گهڻو ڪجهہ ڪيو. آمريڪا جو ان وقت ۽ هن وقت وڏي ۾ وڏو مسئلو سي پيڪ کي روڪڻ هيو ۽ پاڪستان جي خارجا پاليسي کي ڪمزور ڪرڻ هيو. عمران خان جي دور ۾ سعودي عرب؛ چين؛ انڊونيشيا ۽ ترقي سان معاملات خرابي ڏانهن هليا ويا. سي پيڪ جي معاهدن کي ليڪ ڪيو ويو. پر هن وقت عمران خان جيل ۾ آهي؛ پي ٽي آئي اقتدار کان ٻاهر آهي؛ آمريڪا کي ڏيڻ لاء پي ٽي آئي وٽ ڪجهہ بہ آهي. پي ٽي آئي جي هائر ٿيل آمريڪا ۾ لابنگ فرم ڪم ڪري رهي آهي جنهن جا سهولتڪار آمريڪي ۽ اسرائيلي يهودي ايجنٽ آهن. اگر ڊونلڊٽرمپ ٽرمپ پاڪستان جي مٿان عمران خان جي معاملي تي دٻاء وجهي ٿو تہ ڇا اها مداخلت نہ آهي. پوء حقيقي آزادي جي ناري واري چورن جو ڇا ٿيندو. پهرين تہ پي ٽي آئي جي پاپولرٽي ڪهڙي نظريي تي آهي اها تہ ڪنهن کي خبر ئي نہ آهي. نہ ڪارڪردگي آهي نہ اخلاقيات آهي نہ ئي نظريو آهي. بس صرف پاپولرٽي جو بنياد سوشل ميڊيا تي ڪوڙي پروپيگنڊا؛ ايبسليوٽ ناٽ ۽ اسٽيبلشمينٽ کي بداخلاقي سان ڳالهائڻ ۽ ملڪ جي لاء سازشون جوڙڻ. ان ڳالهہ تي پي ٽي آئي جي پاپولرٽي آهي. جيڪا ملڪ جي لاء ۽ معيشت لاء نقصانڪار ثابت ٿي رهي آهي. ڪي پي ڪي ۾ يارنهن سالن کان پي ٽي آئي جي حڪومت آهي. پر اڄ بہ ڪي پي ڪي ۾ گورنمينٽ جي ڪا بہ رٽ موجود نہ آهي. تعليمي نظام سنڌ کان بدتر لڳو پيو آهي. ڪرپشن ۾ سنڌ کان ڪي پي ڪي گهڻو اڳتي نڪري ويو آهي. ڪي پي ڪي اڄ بہ موئن جي دڙي جو ڏيک ڏئي رهيو آهي. ڇا پاڪستان جي عوام کان خيبر پختون خواه ۾ پي ٽي آئي جي 11 سالن جي ڪارڪردگي ڳجهي آهي. ڇا باشعور عوام ڪي پي ڪي جي انتظامي معاملات کان واقف نہ آهي. ڇا پاڪستان جو عوام ايترو لاشعور بڻجي چڪو آهي. ڇا حقيقي آزادي ڪي پي ڪي ۾ اچي وئي آهي. اڄ بہ عمران خان اسٽيبلشمينٽ جي راهہ بيچينيء سان ڏسي رهيو آهي. پر افسوس جو عمران خان جي بيچيني کي اهميت ملڻ نظر نہ ٿي اچي. عمران خان اسٽيبلشمينٽ کي منٿون ڪري رهيو آهي تہ مون کي گود ۾ ويهاريو نہ تہ مان ملڪ کي خانہ جنگيء طرف ڌڪي ڇڏيندم. خان نهي تو پاڪستان نهين. پي ٽي آئي جا اهڙا قدم انٽرنيشنل سازش ڏانهن اشارا ڏئي رهيا آهن. پي ٽي آئي جي پوڻن چئن سالن جي دور ۾ 75 فيصد قرض ۾ اضافو ٿيو. پر ملڪ ۾ ڪوبہ سڌارو نہ آيو. هاڻي ملڪ جي سمٿ بهتريء جي طرف وڃي رهي آهي. پاڪستان جي اسٽاڪ ايڪسچينج ۽ معيشت پاڪستان کي مظبوطيء جي طرف وٺي وڃي رهي آهي. آئنده ڏينهون ڏينهن پي ٽي آئي جي پاپولرٽي ۾ گهٽتائين ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي. پي ٽي آئي جي اصل پاپولرٽي (ر) جنرل فيض هيو. 2024 واري اليڪشن ۾ جنرل فيض حميد جو اهم ڪردار هيو. جنهن ڪري پي ٽي آئي کي پاپولرٽي جو راڳ آلاپڻ لاء هڪ سلوگن ملي ويو.