ريپبلڪن پارٽي جو ڊونلڊ ٽرمپ اڄ 47هين آمريڪي صدر جي حيثيت سان حلف کڻندو. تقريب آمريڪي آئين جي تحت واشنگٽن ڊي سي ۾ منعقد ڪئي ويندي. جتي چيف جسٽس جان رابرٽس ٽرمپ کان عهدي جو حلف وٺندو. حلف برداري جي روايت هر چئن سالن کان پوءِ منعقد ڪئي ويندي آهي، جيڪا چونڊيل صدر جي ايندڙ مدي جي شروعات جي نشاني هوندي آهي. نئين صدر جو مدو 20 جنوري ٻنپهرن کان شروع ٿيندو آهي. مدو پورو ڪندڙ صدر جوبائيڊن ٻين اڳوڻن صدرن خاص طور تي بل ڪلنٽن، جارج ڊٻليو بش ۽ براڪ اوباما تقريب ۾ شرڪت ڪندا انهن سان گڏ سندس گهر واريون به هونديون پر اڳوڻي خاتول اول مشل اوباما تقريب ۾ شريڪ نه ٿيندي. ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته هو عهدو سنڀالڻ جي پهرين ڏينهن ئي ڪيترن ئي ايگزيڪٽو آرڊرز تي صحيحون ڪندو جنهن جو مقصد بائيڊن انتظاميه جي پاليسين کي ختم ڪرڻ آهي. اهڙن قدمن ۾ جلا وطني جي هڪ وڏي پروگرام جي شروعات، تيل جي کوٽائي ۾ اضافو ۽ 6 جنوري 2021 جي ڪيپيٽل هائوس فسادن ۾ ملوث ماڻهن جي معافي شامل آهي. حلف برداري کان فورن بعد آمريڪي اختياريون ۽ جاپان، ڀارت، آسٽريليا جي پرڏيهي وزيرن وچ ۾ ملاقات جو امڪان آهي جيڪو چين جي وڌندڙ اثر رسوخ جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ ڪوارڊ گروپ جي اهميت کي اجاگر ڪندو. اها حلف برداري تقريب 2020 جي چونڊن کان پوءِ هڪ خاص اهميت رکي ٿي ڇو ته ٽرمپ انهي وقت بائيڊن جي تقريب ۾ شرڪت کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. هن ڀيري جوبائيڊن جي موجودگي ۾ تقريب منعقد ڪرڻ وڏي دلچسپي جو سبب هوندو.