ڊيرا اسماعيل خان: سيڪيورٽي فورسز مٿان دهشتگردن جو آپگهاتي حملو، 3 اهلڪار شهيد

دهشتگردن جي آپگهاتي حملي ۾ 3 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد، 12 زخمي ٿي پيا پوليس موجب ڊيرا اسماعيل خان جي تعلقي درابن ۾ دهشتگردن سيڪيورٽي فورسز جي عمارت تي حملو ڪيو جنهن دوران حملي آورن مين گيٽ تي بارود سان ڀريل گاڏي ٽڪرائي ڇڏي جنهن جي نتيجي ۾ ٿيندڙ ڌماڪي سبب 3 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿي ويا. حملو رات 3 وڳي ڪيو ويو جنهن ۾ بارود سان ڀريل گاڏي عمارت سان ٽڪرائي وئي جنهن جي نتيجي ۾ عمارت ڪري پئي پوليس موجب دهشتگردن جي فائرنگ سبب 16 سيڪيورٽي اهلڪار زخمي ٿيا جڏهن ته اهلڪارن جي جوابي فائرنگ ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا. پوليس ٻڌايو آهي ته بارودي مواد جي ڌماڪي سبب عمارت کي سخت نقصان پهتو آهي. زخمين کي ڊيره اسماعيل خان اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته تعلقي درابن جي مڪمل ناڪابندي ڪئي وئي آهي واقعي کان پوءِ درابن جي علائقي ۾ اڄ سموريون بازارون ۽ مارڪيٽون بند ڪيون ويون آهن جڏهن ته تعلقي درابن ۾ سمورا سرڪاري ۽ پرائيويٽ اسڪول به ٻئي حڪم اچڻ تائين بند رهندا.