ڊيرا اسماعيل خان ۾ ڪجهه ڪلاڪن دوران پوليس تي ٻن حملن دوران هڪ اي ايس آءِ شهيد جڏهن ته 3 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا. پوليس موجب تعلقه پهاڙ پور ۾ پل جي ڀرسان حملي آورن پوليس موبائل تي اوچتو فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ هڪ اي ايس آءِ شهيد جڏهن ته 2 اهلڪار زخمي ٿي پيا. ٻئي واقعي ۾ درابن چيڪ پوسٽ تي نامعلوم ماڻهن جي فائرنگ سبب هڪ اهلڪار زخمي ٿي پيو. پوليس موجب ٻنهي طرفن کان فائرنگ جي ڏي وٺ کان پوءِ جوابدار فرار ٿي ويا. جوابدارن جي گرفتاري لاءِ علائقي ۾ ناڪابندي شروع ڪري ڏني آهي. ياد رهي ته انهي کان اڳ خيبرپختونخواهه سان لاڳاپيل پنجاب جي ٿاڻي چاپري تي 20 کان وڌيڪ دهشتگردن جديد هٿيارن سان اوچتو حملو ڪري ڏنو هو دهشتگردن ٿاڻي جي عمارت تي راڪيٽ لانچر ۽ دستي بمن جو استعمال ڪيو. پوليس ترجمان موجب وقت تي جوابي ڪارروائي سبب دهشتگردن جو حملو ناڪام بنائي ڇڏيو ۽ جوابي ڪارروائي جي دوران 2 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته 2 پوليس اهلڪار معمولي زخمي به ٿي پيا. پوليس ترجمان موجب حملو ناڪام ٿيڻ تي خوارج دهشتگرد ڀرواري علائقي ۾ فرار ٿي ويا. جن جي ڳولا لاءِ پوليس سرچ آپريشن ڪيو ته انهي دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي جنهن ۾ وڌيڪ 2 خوارج مارجي ويا.