سيڪيورٽي فورسز جو ڳجهي اطلاع تي ڊيره اسماعيل خان ۾ آپريشن، 2 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز ڳجهي اطلاع تي ڊيره اسماعيل خان ۾ آپريشن ڪيو، ٻنهي طرفان فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 2 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب آپريشن دوران دهشتگردن کان هٿيار، گوليون ۽ ڌماڪيدار مواد به هٿ ڪيو ويو آهي. مارجي ويل دهشتگردن ۾ فهيم نواز عرف گنڊاپوري ۽ محسن نواز شامل آهن. مارجي ويل دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز تي حملن سميت شهرين جي قتل ۾ ملوث هئا. پاڪ فوج جي ترجمان چيو آهي ته علائقي ۾ امڪاني دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري رهندو ۽ سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن ضلعي هرنائي ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ دوران هڪ دهشتگرد مارجي ويو جڏهن ته ٻئي کي زخمي ڪيو ويو هو. دهشتگردن هرنائي جي سنجاوي روڊ تي مسافر گاڏين کي روڪڻ جي ڪوشش هئي جنهن کي پاڪ فوج وقت تي ڪارروائي ڪندي ناڪام بنائي ڇڏيو هو.