خيبرپختونخواهه صوبي جي ضلعي ڊيره اسماعيل خان ۾ ڪسٽم اهلڪارن تي نامعلوم ماڻهن فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڪسٽم اهلڪار شهيد جڏهن ته 4 زخمي ٿي پيا. ڊي ايس پي حافظ عدنان موجب ڪسٽم اهلڪارن تي فائرنگ جو واقعو يارڪ ٽول پلازه ڀرسان پيش آيو. هن ٻڌايو ته ناڪي تي گاڏي ۾ ويٺل ڪسٽم اهلڪارن تي نامعلوم حملي آورن فائرنگ ڪئي ۽ فرار ٿي ويا فائرنگ سبب 2 ڪسٽم اهلڪار ٿڏي تي شهيد جڏهن ته 4 زخمي ٿي پيا. ڊي ايس پي حافظ عدنان موجب زخمي اهلڪارن کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس جي وڏي نفري واقعي واري جڳهه کي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو آهي ياد رهي ته 3 ڏينهن اڳ به درابن روڊ تي ڪسٽم انٽيليجنس جي گاڏي کي نامعلوم ماڻهن نشانو بنايو هو جنهن ۾ انسپيڪٽر سميت 5 ڪسٽم اهلڪار شهيد ٿي ويا هئا.