ڊيفالٽ جو خطرو وڌيو آهي: موڊيز پاڪستان جي قرض وٺڻ جي ريٽنگ گهٽ ڪري ڇڏي

نيويارڪ: معيشتن جي درجابندي ڪندڙ عالمي اداري موڊيز پاڪستان جي قرض وٺڻ جي ريٽنگ سي اي اي ون مان گهٽ ڪري سي اي اي ٿري ڪري ڇڏي.موڊيز موجب پاڪستان ۾ ناڻي مٽاسٽا جي کوٽ ۽ ٻاهرين صورتحال سان ڊيفالٽ جو خطرو وڌيو آهي.پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان حڪومت جي رپئي ۽ پرڏيهي ڪرنسي ۾ قرض وٺڻ جي ريٽنگ گهٽ ڪئي وئي آهي.