ڊيفالٽ جو خواب ڏسندڙ ملڪ دشمن ٽولي کي ملڪي ترقي هضم نه پئي ٿئي: وزيراعظم

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ڊيفالٽ جو خواب ڏسندڙ ملڪ دشمن ٽولو  هر ڀيري اسلام باد تي چڙهائي جي ڪوشش ڪندو آهي، اهڙن عناصرن کي پاڪستان جي ترقي هضم نه پئي ٿي، پاڙيسري ملڪن جي تعاون سان پاڪستان ترقي طرف گامزن ٿيو. وزيراعظم شهباز شريف سان پاڪستان براڊر ڪاسٽرز ايسوسيئيشن جي وفد اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي اطلاعات واري وزير عطاءُالله تارڙ، اطلاعات واري وزارت جي اعليٰ آفيسرن، چيئرمين پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ايسوسيئسيشن ميان عامر محمود، مير ابراهيم، ناز آفرين سهل، سلطان لاکهاني، سلمان اقبال، شڪيل مسعود، نديم ملڪ ۽ ڪاظم خان شريڪ ٿيا. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته حڪومت ۽ ميڊيا جو گڏيل ڀروسي جو رشتو آهي، حڪومتي پاليسين تي ميڊيا جي تعميري تنقيد گورننس جي بهتري لاءِ تمام گهڻو ضروري آهي، ميڊيا جي تعميري تنقيد جي حڪومت آجيان ڪري ٿي، ملڪ ۾ اظهار جي آزادي جي مڪمل آزادي آهي ۽ حڪومت ميڊيا کي رياست جو چوٿون ٿنڀو هجڻ تي يقين رکي ٿي. شهباز شريف چيو ته اڙان پاڪستان مقامي طور تي تيار ڪيل ملڪي ترقي جو منصوبو آهي جنهن کي ميڊيا ۽ سمورن اسٽيڪ هولڊرز جي تعاون سان ڪامياب بنائينداسين الله جي فضل وڪرم سان ملڪي استحڪام کان پوءِ پاڪستان جي ترقي جي رفتار 2018 تي جتي روڪي وئي، اتان کان ٻيهر شروع ٿي چڪي آهي. هن چيو ته پاڪستان ميان نوازشريف جي قيادت ۾ ترقي جو سنهري خواب ڏٺو ۽ اڄ به انهي جي قيادت  ۾ معاشي استحڪام کان پوءِ ترقي جو سفر زور شور سان جاري آهي. دوست ۽ پاڙيسري ملڪن جا انتهائي ٿورائتا آهيون، انهن جي تعاون سان پاڪستان ڊيفالٽ ٿيڻ کان واپس اچي معاشي ترقي طرف گامزن ٿيو آهي. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح ۽ وياج جي شرح ۾ خاطر خواهه گهٽتائي جو ثمر معاشي ٽيم جي محنت ڏانهن وڃي ٿو. برآمدات ۾ اضافو، صنعتي ۽ زرعي شعبي جي ترقي حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين جي بدولت حاصل ٿي رهي آهي. شهباز شريف وڌيڪ چيو ته پاڪستان جو سڀني کان وڏو اثاثو اسان جي باصلاحيت نوجوانن جي گڏيل طاقت آهي،  نوجوانن کي عالمي معيار جي تعليم، تربيت جون سهولتون ۽ ترقي جا هڪ جهڙا موقعا ڏيڻ اسان جي اولين ترجيحات ۾ شامل آهي. ملاقات دوران بجلي جي قيمتن کي گهٽ ڪرڻ ۽ بجلي شعبي جي اصلاحات لاءِ آءِ پي پيز سان حڪومتي معاملن کي بهتر طريقي سان طئي ڪرڻ تي شرڪت ڪندرڙ وفد وزيراعظم شهباز شريف جي ڪاوشن جي تعريف ڪئي. شرڪت ڪندڙ وفد چيو ته معاشي اشارن ۾ بهتري خوشي جوڳو قدم آهي. ميڊيا ملڪي ترقي ۽ گورننس جي بهتري ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪندي رهندي، ملڪ کي سياسي استحڪام جي ضرورت آهي، حڪومت انهي حوالي سان پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪندي.