اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توهين عدالت ڪيس ۾ ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد عرفان نواز ميمڻ جي غير مشروط معافي جي استدعا کي رد ڪري کيس پرڏيهه وڃڻ کان روڪي ڇڏيو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس بابر ستار ڊي سي اسلام آباد جي خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن سلسلي ۾ ڊي سي اسلام آباد عرفان نواز ميمڻ عدالت ۾ پيش ٿيو ٻڌڻي دوران جسٽس بابر ستار ڊي سي اسلام آباد کي چيو ته ڇا اوهان سمجهو ٿا ته هي مذاق آهي، اوهان جي خلاف توهين عدالت جو ڪيس هلي رهيو آهي، اوهان 970 ڏينهن جي لاءِ 69 ايم پي او آرڊر جاري ڪيا ڇا انهن جا ٻار نه هئا. انهن کي عمري تي نه وڃڻو هو عدالت چيو ته اسان شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو آهي، سومر تائين جواب ڏيو، هي ڪيس ڪالهه مڪمل ٿيڻو هو پر اوهان جي ڪري مڪمل نه ٿي سگهيو. ڇا اوهان کي عدالت جي آرڊر جي خبر نه هئي؟ جنهن تي ڊي سي اسلام آباد چيو ته هن ڪيس ۾ 18 ٻڌڻيون ٿيون ڪنهن به ٻڌڻي ۾ غير حاضر نه ٿيس، مان عدالتي توهين جو سوچي به نٿو سگهان، پنهنجو پاڻ کي هن عدالت جي رحم ڪرم تي ڇڏيان ٿو ٻڌڻي دوران ڊي سي اسلام آباد جي وڪيل راجه رضوان عباسي عدالت کي درخواست ڪئي ته اوهان ڪاوڙ ۾ آهيو، هن ڪيس جي ڪجهه دير کان پوءِ ٻڌڻي رکو؟ جنهن تي جسٽس بابر چيو ته ڇا هاڻ اوهان جي مرضي موجب بينچ ٺهندي. ان دوران ايس ايس پي آپريشنز اسلام آباد جميل ظفر به عدالت ۾ پيش ٿيو. عدالت جي پڇاڻي تي ايس ايس پي آپريشن جميل ظفر پنهنجي موقف ۾ چيو ته اسان جو فوڪس اڳواڻن تي هو، ان تي جسٽس بابر ستار پڇاڻو ڪيو ته هڪ ماڻهو اڳ ئي جيل ۾ آهي. ان سان ڇا ڪندو؟ بيهر کيس جيل ۾ وجهندو؟ جنهن تي ايس ايس پي جميل ظفر عدالت کان غير مشروط معافي گهري ورتي جسٽس بابر ستار چيو ته هن ڪيس تي ايندڙ هفتي فيصلو ڏينداسين جنهن کان پوءِ ڌرين جا دليل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ عدالت ڊي سي اسلام آباد جي غير مشروط معافي جي استدعا رد ڪري ڇڏي ۽ کيس پرڏيهه وڃڻ کان به روڪي ڇڏيو. عدالت ڊي سي اسلام آباد کي شوڪاز نوٽيس جو سومر تائين جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.