لوئر ڪرم ۾ ڊپٽي ڪمشنر تي فائرنگ جي واقعي سبب ڪرم ڏانهن روانو ٿيل پهرين قافلي جي روانگي روڪي وئي. خيبرپختونخواهه جي اطلاعات واري صلاحڪار بيرسٽر محمد علي سيف چيو آهي ته لوئر ڪرم جي علائقي بگن ۾ فائرنگ جو واقعو پيش آيو، اهڙي صورتحال سبب پهرين قافلي جي في الحال روانگي روڪي وئي آهي. بيرسٽر سيف چيو ته فائرنگ ۾ زخمي ڊپٽي ڪمشنر ڪرم جاويد الله محسود کي هيليڪاپٽر جي ذريعي منتقل ڪيو پيو وڃي، بگن ۾ فائرنگ سبب زخمي ڊپٽي ڪمشنر ڪرم جي حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي پئي وڃي. هن ٻڌايو ته چهپري واري هنڌ تي پوليس ۽ حڪومتي اعليٰ اختياريون موجود آهن، فائرنگ شرپسندن طرفان ڪئي وئي، معاملي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف ڪي پي ڪي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ڪرم ۾ ڊپٽي ڪمشنر تي فائرنگ جي واقعي جي مذمت ڪندي چيو ته فائرنگ جو واقعو صوبائي حڪومت جي ناڪامي ۽ نااهلي جو ثبوت آهي. هن چيو ته مان ڊپٽي ڪمشنر جاويد محسود جي جلد صحتيابي لاءِ دعاگو آهيان. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڪرم تڪرار تي ڪوهاٽ ۾ ٿيل گرينڊ جرڳي ۾ ڌرين وچ ۾ امن معاهدو طئي ٿي ويو هو جنهن موجب سمورن غيرقانوني هٿيارن کي سرڪار وٽ جمع ڪرائڻ جي لاءِ گڏيل حڪمت عملي طئي ڪئي وڃي ۽ علائقي مان سمورا بنڪرز ختم ڪيا وڃن.