ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور جي صدارت هيٺ پبلڪ ٽرانسپورٽرز۽ ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي جو پهريون اجلاس

اجلاس ۾ ايڊشنل ڊپٽي ڪمشنر ون عبدالمجيد زهراڻي سڪريٽري ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي وسيم احمد ميمڻ,اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنڌڪوٽ حمير احمد قريشي , اسسٽنٽ ڪمشنر ڪشمور عمران نظير , اسسٽنٽ ڪمشنر تنگواني علي رضا بوزدار ڪشمور ضلعي جي ٽرانسپورٽرز لالا ممتاز پٺاڻ , انعام چاچڙ , غلام اڪبر منگي , سيد وسيم احمد شاه ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي روٽ پرمنٽ مينٽينس ۽ فٽنيس سرٽيفيڪٽ لاءضلعي جي مڙهني ٽرانسپورٽ مالڪن کي 15 نومبر تائين وقت ڏجي ٿو تنهن کان بعد غير معياري ۽ بغير فٽنيس سرٽيفيڪٽ گاڏين کي چالان ڪيو ويندو ويگن ۽ ڪوچ جي ڪراين کي سرڪار پاران مقرر ڪيل اگھ تي عمل ڪرايو ويندو ۽ وڌيڪ ڪرايو وٺندڙن تي ڏنڊ ھڻي سخت ڪاروائي ويندي . ڊپٽي ڪمشنر جي ٽرانسپوٽرز کي سختي سان هدايت اجلاس ۾ بغير اي سي جي في ڪلو ميٽر 2 روپيا 75 پئسا ، جڏهن ته اي سي في ڪلو ميٽر 3.75 پئسا مقرر ڪيو ويو