ڏهرڪي ۾ تيل ۽ گيس جا نوان ذخيرا هٿڏهرڪي ۾ تيل ۽ گيس جا نوان ذخيرا هٿ

سنڌ جي ضلعي گهوٽڪي جي شهر ڏهرڪي مان ماڙي پيٽروليم تيل ۽ گيس جا نوان ذخيرا هٿ ڪيا آهن.ماڙي پيٽروليم پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب تيل ۽ گيس جا ذخيرا سنڌ جي شهر ڏهرڪي مان هٿ آيا آهن. شروعاتي طور تي  نون هٿ آيل ذخيرن مان 25 لک مرڪب فٽ گيس ۽ 1040 بيرل ٻارڻ جو تيل حاصل ٿيندوتيل ۽ گيس جي نون ذخيرن جي حوالي سان جاري ڪيل تفصيلن ۾ چيو ويو آهي ته ماڙي پيٽروليم ماڙي فيلڊ جي کوهه شوال 1 مان تيل جا اهم ذخيرا هٿ ڪيا آهن. شروعاتي طور تي نئين دريافت مان روزاني 25 لک مرڪعب فٽ گيس حاصل ٿيندي ۽ روزاني 1040 ٻارڻ جو تيل حاصل ٿيندو.ياد رهي ته شوال 1 تي ڪم جي شروعات 27 جنوري 2024 کان شروع ڪيو ويو هو. کوهه  کي 1.136 ميٽر جي گهرائي تائين ڪاميابي سان کوٽيو ويو. ايم پي سي ايل جي ايم ڊي فهيم حيدر نئين دريافت کي ڪمپني جي سائنسدانن ۽ انجنيئرز جي هڪ ذڪر جوڳي ڪاميابي قرار ڏنو آهي.هلندڙ مهيني جي شروعات دوران به سنڌ ۾ ماڙي غازج فارميشن فيلڊ ۾ گيس جو کوهه هٿ آيو هو ان کان علاوه سجاول ۾ 12 لک 40 هزار اسٽينڊرڊ ڪيوبڪ ميٽر گيس جو ذخيرو مليو هو ان کان اڳ فيبروري ۾ خيرپور ضلعي ۾ هٿ آيل ذخيري مان 14.3 ملين اسٽينڊرڊ ڪيوبڪ فٽ گيس روزاني حاصل ٿيڻ جو اعلان ڪيو ويو هو. جڏهن ته فيبروري ۾ بلوچستان جي ضلعي ڪوهلو مان به گيس جا نوان ذخيرا هٿ ڪيا ويا هئا.