ڏکڻ وزيرستان ۾ هڪ گهر اندر ڌماڪي جي نتيجي ۾ عورتن سميت 5 ڄڻا مارجي ويا آهن. پوليس موجب ڏکڻ وزيرستان جي تعلقي لدها جي علائقي تنگي بدين زئي ۾ گهر اندر ٿيل ڌماڪو آءِ اي ڊي بم سان ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا. شروعاتي ڄاڻ موجب خاندان تازو ئي پنهنجي گهر منتقل ٿيو هو. ڌماڪي سبب مارجي ويلن ۾ 2 عورتون به شامل آهن. سرڪاري ذريعن ٻڌايو آهي ته مارجي ويلن ۾ هوت خان، ان جي زال، پٽ ۽ ڌيءَ شامل آهن.