تفصيل موجب منگلا منڊي جي علائقي گلمراڊا ويجهو ڌاڙن نجي ڪمپني جي ڪيش وين کي ڦري ورتو، جنهن دوران مزاحمت ڪرڻ تي جوابدارن ڪيش دين جي ڊرائيور ۽ ڪيشيئر کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو. پوليس جو چوڻ آهي ته چور ڪيش وين مان لکين رپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا، جن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي، ٻئي طرف اسلام آباد ۾ آءِ جي نائن پوليس اسٽيشن کان 600 ميٽر پري ڪيش وين کي به ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ان حوالي سان اسلام آباد پوليس جو چوڻ آهي ته ڪيش وين مان بئنڪ ۾ رقم منتقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر بئنڪ جي سيڪيورٽي گارڊ ڦر جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي. پوليس جو چوڻ آهي ته مزاحمت تي جوابدارن جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪئي، پير ۾ گولي لڳڻ سبب بينڪ جو گارڊ زخمي ٿي پيو، جڏهن ته جوابدار فرار ٿي ويا.