ڦلجي اسٽيشن: زرعي زمين تي ستل ڳوٺاڻو نا معلوم هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل

ڦلجي اسٽيشن:(آچر: 07 اپريل 2024ع) ڦلجي اسٽيشن ڀرسان ڳوٺ احمد خان ڏاوچ ۾ پنهنجي زرعي زمين تي ستل ڳوٺاڻي 32 ورهين جي زاهد حسين ڏاوچ کي نامعلوم هٿياربندن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو ان موقعي تي نوجوان جي پيءُ ٻڌايو ته اسان جي زرعي زمين تي سولر پلانٽ سسٽم لڳل آهي علائقي ۾ بدامني ۽ چورا ڪاري سبب منهنجو نوجوان پٽ سولر سسٽم جي سنڀال ڪرڻ لاءِ پنهنجي زرعي زمين تي سمهندو هو گذريل رات نامعلوم هٿيار بندن منهنجي پٽ کي يرغمال ڪري فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو آھي جيڪو اسان سان سراسر ظلم ٿيو آهي هن چيو ته منهجي پٽ جي قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو واقعي واري هنڌ راڄو ديرو پوليس پهچي لاش کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي ۽ پوليس پاران اهڙي قتل جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.