ڪابينا ڪميٽي 24 ادارن جي نجڪاري جي منظوري ڏئي ڇڏي

تفصيل موجب ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ نجڪاري بابت ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ناڻي واري وزير، نجڪاري واري وزير، واپار واري وزير، توانائي واري وزير، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير ۽ مملڪتي وزيرن شرڪت ڪئي. ناڻي بابت وفاقي سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. جنهن ۾ نجڪاري ڪميشن آرڊيننس 2000 جي سيڪشن 5 بي جي مطابق هڪ مرحليوار نجڪاري جو پروگرام پيش ڪيو ويو. نجڪاري بابت ڪابينا ڪميٽي 24 ادارن جي نجڪاري جي منظوري ڏيندي چيو ته ايس او اوز کي شامل ڪرڻ جو فيصلو رياستي ادارن جي ڪميٽي جي جائزي کانپوءِ ڪيو ويندو. ڪابينا ڪميٽي مالي سال 2024-25 لاءِ ڪميشن جي 8169 ملين رپين جي بجيٽ جي پڻ منظوري ڏني ۽ نجڪاري پروگرام کي شفافيت، ڪارڪردگي ۽ گورننس واري انداز سان لاڳو ڪرڻ جي عزم کي ورجايو. ڪابينا نجڪاري ڪميٽي او جي ڊي سي ايل جا 32 ڪروڙ شيئرز جي صورتحال کي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو جڏهن ته او جي ڊي سي ايل جا 32 ڪروڙ شيئرز 10 سالن کانپوءِ حوالي ڪرڻ ۾ دير ڪئي. وفاقي ڪابينا جي هدايتن تي او جي ڊي سي ايل جا شيئرز پيٽروليم ڊويزن کي منتقل ڪرڻ جي فيصلي جي منظوري نه ڏني وئي، ساورن ويلٿ فنڊ فعال نه ٿيڻ سبب شيئرز پيٽروليم ڊويزن کي منتقل ٿيڻا آهن.