ڪالعدم ٽي ٽي پي جو اهم شخصيتن کي نشانو بڻائڻ جي منصوبي جو انڪشاف

اسلام آباد : ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) طرفان اهم شخصيتن کي نشانو بڻائڻ جي منصوبي جو انڪشاف ٿيو آهي.ڪالعدم ٽي ٽي پي ۽ ”جماعت الاحرار“ جو عسڪري ۽ ڳجهن ادارن جي سربراهن کي نشانو بڻائڻ جو منصوبو آهي.
ڪالعدم جماعتن جو حڪومتي عهديدارن، مريم نواز، راڻا ثناءُ الله، سيڪيورٽي ۽ ڳجهن ادارن جي ماڻهن کي نشانو بڻائڻ ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي گاڏين ۽ چيڪ پوسٽن تي به حملو ڪرڻ جو منصوبو آهي.جماعت الاحرار جي سربراهه رفيع الله جي نگراني ۾ 2 آپگهاتي حملي آورن تي ٻڌل گروپ پنجاب ۾ داخل ٿي چڪو آهي.9 مئي جي واقعن کي ڪالعدم ٽي ٽي پي جي سربراهه بيان ۾ ساراهيو ۽ شرپسندن جي حوصلا افزائي به ڪئي.