ڪنڌ ڪوٽ :ڪجھ مھينا اڳ ڪرمپور ٿاڻي جي حد منڌاڻي چوڪي وٽ پوليس جي وردي ۾ لڪل ڪارين رڍن ھٿان شھيد ٿيل معصوم ڳوٺاڻي غلام حسين جعفري جا قاتل اڃا گرفتار نٿي سگھيا ڪورٽ سڳوري جي نوٽيس وٺڻ باوجود ڪشمور ڪنڌ ڪوٽ جي ايس ايس پي مير روحل کوسو ڪو تحرڪ نھ ورتو شھيد جا ٻچا ۽ وارث اڄ بھ سراپا احتجاج بڻيل آھن ان سلسي ۾ ڳوٺ محمد امين جعفري ۾ اڄ وارثن پاران شھيد جي قاتلن جي گرفتاري لاء گل حسن جعفري بالاچ خان محمد رمضان جعفري علي دوست جعفري عمران جعفري محمد عظيم جعفري ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو تھ اسان شريف شھري آھيون اسان جي نوجوان کي ڪرمپور پوليس بيدردي سان گولين جو کاڄ بڻائي اسان کان اسان جو ڳڀرو کسي ورتي ھنن چيو تھ اسان جي نوجوان کي وڏو منشي ڪي بي عرف ڪريم بخش ڏاھاڻي جھانگير چانڊيو سميت ڪجھ ٻين پوليس وارن بنا ڪنھن ڏوھ جي ڄاڻي واڻي قتل ڪري اسان سان ظلم ڪيو آھي ھنن جو وڌيڪ چوڻ ھو اسان مسلسل احتجاج ڪري ٿڪجي پيا آھيون پر ڪشمور پوليس قاتلن کي گرفتار ڪرڻ بجاء اسان مٿان ٺاھ لاء دٻاء وجھي رھي آھي اسان قاتلن جي گرفتاري لاء تنگواڻي ۽ لاڙڪاڻو جي عدالت سڳوري جو در بھ کڙڪايو آھي جنھن قاتل پوليس اھلڪارن خلاف گرفتاري جا وارنٽ بھ جاري ڪيا پر پوليس پوء بھ ڪو ٻوٽو نھ ٻاريو آھي احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن الزام لڳايو تھ قاتلن کي سياسي پٺڀرائي حاصل جيڪي سري عام نوڪري ڪن ٿا ۽ اسان کي ڌمڪيون بھ ڏين ٿا اسان مسڪين آھيون اسان جي دانھن وس وارن اعلي اختيارين سميت چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ چيف آف آرمي اسٽاف کي آھي تھ ھو اسان جي ڪيل احتجاج جو نوٽيس وٺي شھيد جي خون سان انصاف ڪن