ڪراچي:سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي وزيراعليٰ هائوس ٻاهر روڊ تان رڪاوٽون هٽايون ويون

 سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي عمل ڪندي وزيراعليٰ هائوس ٻاهران روڊ تان رڪاوٽن کي هٽايو ويو آهي. سپريم ڪورٽ نجي ۽ سرڪاري عمارتن جي ٻاهران فٽ پاٿن تان به رڪاوٽون ۽ حددخليون هٽائڻ جو حڪم ڏنو آهي ۽ ان سلسلي ۾ چيف جسٽس پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ 3 ڏينهن ۾ سموريون حددخليون ختم ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. ياد رهي ته 2 ڏينهن اڳ سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ شهر ۾ حددخلين بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي هئي جنهن ۾ عدالت رينجرز هيڊ ڪوارٽر، گورنر هائوس ۽ سي ايم هائوس ٻاهران حددخليون هٽائڻ جو حڪم ڏنو هو.