ڪراچي: انصاف هائوس جو مالڪ 12 سالن کان ڀاڙو نه ملڻ تي عدالت پهچي ويو

انصاف هائوس ڪراچي جو مالڪ 12 سالن کان ڀاڙو نه ملڻ تي عدالت پهچي ويو آهي پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ) ڪراچي جي مرڪزي آفيس انصاف هائوس جو ڀاڙو 12 سالن کان ادا نه ڪيو ويو جنهن جي ادائيگي لاءِ مالڪ عدالت سان رابطو ڪري ورتو آهي آفيس جو معاهدو جڳهه جي مالڪ سان صدر عارف علوي، (مرحوم) نعيم الحق ۽ اڳوڻي سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ڪيو هو. معاهدي جي ضمانت جي طور تي سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر ثمر علي خان ۽ فردوس شميم نقوي صحيحون ڪيون هيون انصاف هائوس ڪراچي جنهن جو پلاٽ نمبر G-16 پي اي سي ايڇ ايس بلاڪ 6 تي ٺهيل آهي اهو نجي ڪمپني جي ملڪيت آهي. ڀاڙي جي ادائيگي نه ٿيڻ تي پي ٽي آءِ قيادت مٿان معاهدي جي ڀڃڪڙي جي تلوار لٽڪڻ لڳي آهي جڳهه جي مالڪ صدر عارف علوي ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن تي سنڌ رينئل آرڊيننس 1969ع جي سيڪشن 15 جي تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي جنهن تي عدالت طرفان صدر عارف علوي سميت پي ٽي آءِ اڳواڻن کي نوٽيس به جاري ڪيو ويو آهي معاهدي تحت عارف علوي، عمران اسماعيل ۽ نعيم الحق ماهوار هڪ روپيه ڀاڙو ادا ڪرڻ جا پابند آهن. پر صدر عارف علوي ۽ پي ٽي آءِ قيادت 12 سالن کان گهر جي مالڪ کي ڀاڙو ادا نه ڪيو.