سنڌ جي گهرو وزير ضياءُالحسن لنجار چيو آهي ته آءِ جي ۽ ٻين ادارن کي واضح حڪم ڏئي ڇڏيا آهن ته ڪراچي جي روڊن کي يرغمال بنجڻ نه ڏينداسين، پوليس، رينجرز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا پنهنجو ڪم ڪندا. امن امان برقرار رکڻ جي لاءِ قدم کنيا ويندا.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته خبر ناهي ته ڪهڙيون طاقتون ڪراچي جو امن خراب ڪرڻ چاهين ٿيون؟ اسان مسئلي جو پرامن حل ڳولي رهيا هئاسين، ڳالهيون ناڪام ٿيون ته ايڪشن کنيو ويندو. انهي ۾ اسان کي ميڊيا جو مثبت رد عمل گهرجي.
سنڌ جي گهرو وزير چيو ته ڌرڻي وارن کي ڌار هنڌ جي آڇ ڪريان ٿو، اها مهلت نه پر آڇ آهي، روڊ بلاڪ ڪرڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏينداسين، پارا چنار جي واقعي تي اسان کي ڏک پهتو آهي، سمورن متاثرين سان گڏ آهيون پر انهي جو اهو مطلب ناهي ته ڪراچي جا سمورا اهم روڊ بند ڪيا وڃن.
ضياءُالحسن لنجار چيو ته اسان تي به تنقيد ٿي رهي آهي ته پوري ڪراچي کي محدود ڪيو ويو آهي، اوهان ڪجهه نه ڪري رهيا آهيو، ڪراچي جا مختلف روڊ بند ڪيا ويا آهن جيڪو به حڪومت جي رٽ کي چيلينج ڪندو انهي جي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته اسان جي سينئر وزيرن ڌرڻي وارن سان ڳالهيون ڪيون، انهن کي ڌار جڳهه ڏيڻ جي آڇ ڪئي پر هنن مڃڻ کان انڪار ڪيو. ڌرڻي وارا چون ٿا ته اسان پرامن آهيون، 8 موٽر سائيڪلون، ساڙيون ويون، اسان جا اهلڪار سخت زخمي ٿيا، هنن وٽ هٿيار ڪيئن پهتا، ايڏو سڀ ڪجهه ڪرڻ وارن کي پرامن نٿو چئي سگهجي، اهي ڪهڙا ماڻهو هئا جن پوليس جي مٿان فائرنگ ڪئي؟
سنڌ جي گهرو وزير چيو ته اسان جا عالم سڳورا ۽ فقه جعفريه جي عالمن طرفان هڪ ئي وقت احتجاج جو سڏ ڏنو ويو، انهي کان پوءِ حڪومت ڪٿي بيٺل آهي؟ اسان عوام کي تڪليف کان بچائڻ جي لاءِ روڊ خالي ڪرائڻ جي لاءِ ايڪشن کنيو. گهرو وزير ٽريفڪ جام جون تصويرون ڏيکاريندي چيو ته شهر جي اها حالت آهي، اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته ماڻهو پنهنجون گاڏيون ۽ موٽر سائيڪلون ڇڏي وڃڻ تي مجبور ٿيا، ايئرپورٽ ويندڙن کي موٽر سائيڪلن تي لفٽ ڏئي هوائي اڏي تائين پهچايو ويو.
ضياءُالحسن لنجار چيو ته ڌرڻي وارن پهرين ڏينهن چيو هو ته روڊ بند ڪرڻ سٺي ڳالهه نه آهي پر ٽن ڏينهن کان پوءِ ڌرڻي کي شهر جي مختلف هنڌن تان ڦهلايو ويو، پولس سان مهاڏو اٽڪائيندڙن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. هن چيو ته خيبرپختونخواهه جي حڪومت پارا چنار جو مسئلو حل ڪندي جيڪي ماڻهو ڌرڻو ڏئي رهيا آهن اهي ڪي پي حڪومت سان گڏ ويٺل آهن.