ڪراچي جي بند پيل گودام ۾ نادر وين اندر افغان پناهگيرن کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو ۾ هڪ گودام جي اندر شڪي طريقي سان سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهيا پيا وڃن. وڊيو ۾ پوليس اهلڪار نادرا ملازم کان پڇي رهيو آهي ته اندر ڇا پيو ٿئي جنهن تي نادرا جي ملازم جواب ڏنو ته ايم اين اي طرفان سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهڻ جي لاءِ وين اماڻي وئي آهي نادرا وين طرفان بند پيل گودام ۾ سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهڻ جي وڊيو تي نادرا طرفان انچارج رجسٽريشن وين نديم شاهه جو بيان جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن چيو آهي ته افغانين جا سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهڻ جو الزام ڪوڙو ۽ پروپيگنڊه آهي انچارج نديم شاهه چيو ته سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو 4 مهينا پراڻي آهي. ان ڏينهن وين تي منهنجي ڊيوٽي هئي. وين بلديه اتحاد ٽائون جي علائقي ۾ ڪاڪڙ ۽ سليمان خيل ڪميونٽي جي عورتن جا سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائڻ جي لاءِ گهرائي وئي هئي. هن وڌيڪ چيو ته نادرا وين ايم اين اي قادر مندوخيل طرفان گهرائي وئي جنهن کي برسات سبب گودام ۾ لڳايو ويو هو.