ڪراچي جي عبدالله ڳوٺ ۾ مبينا بجليءَ جي ڪرنٽ لڳڻ سبب عورت فوت

پريالوءِ: ڪراچي جي عبدالله ڳوٺ ۾ مبينا بجليءَ جي ڪرنٽ لڳڻ سبب عورت فوت مڙس پاران قتل جو شڪ ظاهر لاش پيرجوڳوٺ آڻڻ بعد پوسٽ مارٽم لاءِ پيرجوڳوٺ اسپتال آندو ويو، ڪراچي جي عبدالله ڳوٺ ۾ مبينا بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب مسمات خديجه زال آصف ناريجو فوت ٿي وئي آهي جڏهن ته سندس مڙس آصف ناريجو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته مان گهر کان ٻاهر ويل هيس ته گهر واري جي بجلي ۾ ڪرنٽ لڳڻ فوت ٿيڻ جو اطلاع مليو هن چيو ته مونکي خدشو آهي ته منهنجي زال کي هٿ سان بجلي جو ڪرنٽ هڻي ماريو ويو آهي جڏهن ته فوتي عورت جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ پيرجوڳوٺ اسپتال آندو ويو آهي