ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هلڪي برسات، گڏاپ ٽائون ۾ ڳڙو پيو

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هلڪي برسات سان موسم خوشگوار ٿي وئي.ڪراچي ۾ ڇنڇر ڏينهن ڪٿي هلڪي ته ڪٿي وچولي برسات ٿي، جڏهن ته ڳڙو به پيو.بلوچستان کان ڪجهه ٿنڊر سيلز شهر جي اتر علائقن تي اثرانداز ٿيا پر ڪراچي ۾ برسات لوڪل سسٽم تحت ٿي، حب، گڏاپ ٽائون، ڪاٺوڙ سميت مختلف هنڌن تي برسات ٿي، جڏهن ته گڏاپ ٽائون ۾ ڳڙو به پيو.موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته شهر جي ٻين علائقن ۾ برسات جو امڪان ناهي.