ڪراچي جي 6 يوسين ۾ ٻيهر ڳڻپ روڪڻ جي حڪم ۾ 19 اپريل تائين واڌ

اسلام آباد: هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي 6 يوسين ۾ ٻيهر ڳڻپ روڪڻ جي حڪم ۾ 19 اپريل تائين واڌ ڪري ڇڏي. جماعت اسلامي ٻيهر ڳڻپ روڪڻ لاءِ عدالت سان رابطو ڪيو هو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان ڪراچي جي 6 مڪاني تڪن ۾ ٻيهر ڳڻپ روڪڻ جي جماعت اسلامي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. عدالت سڳوري ٻيهر ڳڻپ روڪڻ جي حڪم ۾ 19 اپريل تائين واڌ ڪري ڇڏي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي 6 يوسين ۾ ٻيهر پولنگ جو حڪم ڏيڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو. عدالت چيو ته ٻيهر پولنگ جو حڪم ڏيڻ کان اڳ مقابلي لاءِ بيٺل اميدوارن کي ٻڌي ٿا وٺون.عدالت سڳوري ڪراچي جي 6 يوسين ۾ مخالف اميدوارن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. جماعت اسلامي جي وڪيل قيصر امام دليل ڏيندي چيو ته ڪراچي جي 6 يوسين ۾ ووٽن جا ٿيلها کلي چڪا هئا. فارم 12 به ناهي ڏنو ويو. ڌانڌلي جا چٽا ثبوت موجود آهن.