راشد منهاس روڊ تي قائم ٿيل شاپنگ سينٽر ۾ باهه لڳي وئي جنهن جي نتيجي ۾ هينئر تائين 11 ڄڻن جي سڙي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي جناح اسپتال جي اختيارين موجب 9 ڄڻن جا لاش جناح اسپتال، هڪ کي سول ۽ هڪ کي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. جناح اسپتال جي حادثن واري ڊپارٽمينٽ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ٻڌايو ته فوتين ۽ زخمين ۾ سمورا مرد شامل آهن جن جي عمر 22 کان 43 سالن تائين آهي فائر برگيڊ جي اختيارين موجب صبح 6 وڳي لڳل باهه ڇهين منزل کان چوٿين منزل تائين پکڙجي وئي جنهن سبب ڪيتريون ئي دڪانون سڙي ويون جڏهن ته شاپنگ سينٽر جي چوڌاري عمارتن جي بجلي معطل ڪئي وئي آهي ريسڪيو اختيارين ٻڌايو آهي ته ساهه ٻوساٽجڻ جي نتيجي ۾ 11 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته ٻين 8 ڄڻن کي بيهوشي جي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. عمارت جي اندر وڌيڪ ماڻهن جي موجود هجڻ جا به اطلاع آهن ٻئي طرف فائر ريسڪيو ڪمانڊر همايون خان ٻڌايو ته عمات ۾ باهه امڪاني طور تي شارٽ سرڪٽ سبب لڳي. شاپنگ سينٽر ۾ باهه وسائڻ جو نظام موجود نه هو سينٽرل ايئرڪنڊيشن هجڻ سبب هوا جي ٻاهر نڪرڻ جو رستو نه هو. هن ٻڌايو ته شاپنگ سينٽر ۾ ڪال سينٽر 24 ڪلاڪ ڪم ڪندو آهي. 50 ماڻهن کي ريسڪيو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهيون.