ڪراچي جي علائقي سعود آباد ۾ پوليس ۽ ڦورن وچ ۾ مقابلي دوران 4 ڦورو مارجي ويا آهن. پوليس موجب سعود آباد ۾ ڦورو شهرين کان ڦرلٽ ڪري رهيا هئا، اطلاع تي واقعي واري هنڌ پهتاسين ته ڏوهارين سان مقابلو ٿي پيو پوليس موجب واقعي ۾ هڪ پوليس اهلڪار ۽ 2 شهري زخمي به ٿيا آهن جن کي طبي امداد جي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي پوليس اختيارين ٻڌايو آهي ته ڦورن سان مقابلي ۾ زخمي اهلڪار جي سڃاڻپ حنيف جي نالي سان ٿي آهي. پوليس موجب مارجي ويل ڦورو ڏينهن جي وقت شهرين کان ڦرون ڪندا هئا، جوابدارن جي قبضي مان هٿيار، موبائيل فون ۽ 2 موٽر سائيڪلون به هٿ ڪيون ويون آهن پوليس اختيارين ٻڌايو آهي ته مقابلي جي دوران مارجي ويل ڦورن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن.