ڪراچي ۾ هلندڙ سال هينئر تائين ڦر دوران مزاحمت تي فوت ٿي ويلن جو انگ 19 جڏهن ته رمضان المبارڪ دوران فوت ٿي ويلن جو انگ 5 ٿي ويو آهي. ذريعن موجب شهر ۾ هلندڙ سال کان هنيئر تائين ڦر دوران مزاحمت تي 19 ڄڻن کي قتل ڪيو ويو جڏهن ته ڪراچي ۾ رمضان المبارڪ جي شروعات سان گڏ ئي ڦر ۽ اسٽريٽ ڪرائمز جي وارداتن ۾ به اضافو ٿي ويو آهي. پوليس موجب ڌاڙيلن 5 ڏينهن ۾ 5 شهرين کي ڦر دوران مزاحمت تي قتل ڪو. پوليس ٻڌايو آهي ته پي اي سي، ايس ايس ۾ ڦورن جي فائرنگ سبب ساجد نالي سيڪيورٽي گارڊ مارجي ويو جڏهن ته گذريل ڏينهن سهراب ڳوٺ ۽ قائد آباد ۾ ڦورن جي فائرنگ سبب 2 شهري بابر ۽ وسيم مارجي ويا. قائدآباد ۾ بابر نالي شهري کي قتل ڪري فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪندڙ ڦورو شهرين جي تشدد سبب مارجي ويو. پوليس موجب 4 مارچ تي قائدآباد فلائي اوور جي هيٺيان ڦورن جي فائرنگ سبب شهري عمران مارجي ويو. مقتول ٽيڪسٽائيل ڪمپني ۾ ڪيشيئر هو ۽ بينڪ مان رقم کڻي نڪتو هو. ٻئي پاسي 2 مارچ تي اسڪيم 33 غازي ڳوٺ ۾ ڦورن جي فائرنگ سبب دوڪاندار مارجي ويو جنهن کان پوءِ پوليس مقابلي کان پوءِ هڪ ڦورو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو.